فائزه ايوب

فائزه ايوب

فائزه ايوب

فائزه ايوب: شاعره، سماجي ڪارڪن ۽ وڪيل فائزه ڌيءَ محمد ايوب سولنگي 14 نومبر 1992ع تي ڳوٺ حافظ خان محمد سولنگي، تعلقي موري ضلعي نوشھري فيروز ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ ايم. اي (اردو) ۽ وڪالت جون ڊگريون حاصل ڪيون. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ سنڌ جي مختلف شھرن: مورو، دادو، سکر، نوابشاهه ۽ خيرپور ميرس ۾، مختلف تنظيمن سان گڏ سماجي ڪم ڪري رهي آهي. شاعريءَ ۾ هن غزل، نظم ۽ هائيڪو وغيره تي طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس شاعري مختلف رسالن ۾ شايع ٿيل آهي. هن وقت سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي عورت جوائنٽ سيڪريٽري جي عھدي تي ڪم ڪري رهي آهي. سندس شادي مشھور شاعر امداد سولنگي سان ٿيل آهي.


لفظ فائزه ايوبھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1992.11.14  عيسوي

شاعره، سماجي ڪارڪن ۽ وڪيل فائزه ڌيءَ محمد ايوب سولنگي 14 نومبر 1992ع تي ڳوٺ حافظ خان محمد سولنگي، تعلقي موري ضلعي نوشھري فيروز ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بولچند ڏيارام
جنجهي مينهين ٻائي
حسن بخش شاهه صوفي
غلام حيدر عالماڻي
ڪرهيو ڀانڊاري شيخ
پيرزادو شاهنواز مولائي
حسن شيخ 1
درويش پنيو ناريجو
علي بخش خان شر
سنڌو راج
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون