
ڊاڪٽر فائزه زهرا مرزا
فائزه زهرا مرزا، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر فائزه زهرا مرزا، مرزا اعجاز علي بيگ جي نياڻي، مرزا اسد بيگ جي پوٽي ۽ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جي پڙ پوٽي آهي. هوءَ 29 مئي 1971ع تي ٽنڊي ٺوڙهي ۾ ڄائي. ايم. اي فارسي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان فرسٽ ڪلاس (گولڊ ميڊلسٽ) طور پاس ڪيائين. ان کان پوءِ 2007ع ۾ ’محڪ خسروي‘ جي عنوان تي تھران يونيورسٽي ايران مان Ph.D جي ڊگري حاصل ڪيائين. هوءَ اردو، فارسي ۽ سنڌيءَ جي بھترين شاعرہ آهي. ڊاڪٽر فائزه زهرا مرزا ڪميشن پاس ڪري 1999ع ۾ ايف. جي مارگله ڪاليج فار وومين اسلام آباد جي فارسي شعبي ۾ ليڪچرر مقرر ٿي ۽ هن وقت ڪراچي يونيورسٽيءَ جي فارسي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور خدمتون سر انجام ڏئي رهي آهي. هن جا ڪيترائي تحقيقي فارسي مقالا ننڍي کنڊ جي فارسي ادب بابت ايران ۽ پاڪستان جي مختلف علمي ادبي رسالن ۾ شايع ٿي چڪا آهن. اردو ۾ بہ تحقيقي مقالا لکيا اٿس. هن وقت پاڻ مرزا قليچ بيگ چيئر (سنڌ يونيورسٽي) جي بورڊ آف گورنرس جي ميمبر پڻ آهي. هن جا هيٺيان ڪتاب شايع ٿيل آهن:
(1) ’گرجي نامہ‘ (ٽنڊي ٺوڙهي جي علمي ادبي مرزا گهراڻي جي خاندان جي فارسي شاعرن جو ڪلام، جنھن کي شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ هڪ هنڌ جمع ڪيو ۽ ڊاڪٽر فائزه مرزا تفصيلي مقدمي سان مرتب ڪيو)، (2) ’محڪ خسروي‘ (Ph.D جو مقالو)، (3) ’ارمغان عشق‘ (علامہ اقبال جي چونڊ اردو شعرن جو فارسي ترجمو)، (4) ’زبان فارسي‘ (فارسي ٻوليءَ جي سکيا بابت ڪتاب)، (5) ’ميراث خير‘ (شيخ ابو سعيد ابوالخير جي فارسي رباعين جو اردو ترجمو) ۽ (6) ’انتخاب اشعار امير مينائي‘ (امير مينائي جا چونڊ شعر). ڊاڪٽر فائزه زهرا مرزا کي 2013ع ۾ ”وزارت فرهنگ و ارشاد اسلامي ايران“ طرفان Ph.D واري مقالي ’محڪ خسروي‘ تي پروين اعتصامي ايوارڊ مليو.
1971.05.29 عيسوي
ڊاڪٽر فائزه زهرا مرزا، مرزا اعجاز علي بيگ جي نياڻي، مرزا اسد بيگ جي پوٽي ۽ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جي پڙ پوٽي آهي. هوءَ 29 مئي 1971ع تي ٽنڊي ٺوڙهي ۾ ڄائي.