فارسي ٻولي

فارسي ٻولي: ننڍي کنڊ جي هڪ قديم ٻولي، جيڪا ايران، افغانستان، تاجڪستان ۽ يورپ جي ڪجهہ حصن ۾ ڳالهائي ويندي آهي. فارسيءَ کي ايران، افغانستان ۽ تاجڪستان ۾ سرڪاري ٻوليءَ جي حيثيت حاصل رهي آهي. ايران، افغانستان، تاجڪستان ۽ اُزبڪستان جي لڳ ڀڳ 72 ملين ماڻهن جي مادري ٻولي آهي. فارسي اسلامي ۽ اولھه جي دُنيا جي ادب ۽ سائنس ۾ حصو وجهڻ جو هڪ اهم ذريعو رهي آهي. پاڙيسري ٻولين مان خاص طور اُردوءَ تي هن جا ڪيترائي اثر آهن. پشتو ٻوليءَ کي تہ فارسيءَ جي ٻي شڪل سڏيو ويندو آهي. ٻنھي جا قاعدا بہ ڪافي حد تائين هڪ جھڙا آهن. برطانوي راڄ کان پھرين، فارسيءَ کي ننڍي کنڊ ۾ ٻي ٻوليءَ جو درجو حاصل هو، بعد ۾ هن ٻولي ڏکڻ ايشيا ۾ تعليمي ۽ ثقافتي ٻوليءَ جو درجو حاصل ڪيو. مغل دؤر ۾ فارسيءَ کي سرڪاري ٻولي جو درجو حاصل رهيو. البته 1835ع ۾ فارسيءَ جي سرڪاري حيثيت ۽ استعمال کي ختم ڪيو ويو. فارسي ٻولي هندستاني ثقافت جو اهم حصو رهي آهي. اڪبر بادشاھہ جي دور ۾ ترجمي جو هڪ کاتو قائم ڪيو ويو، جتي نادر فارسي ڪتابن جو سنسڪرت ۽ سنسڪرت ڪتابن جو فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويندو هو. فارسي ٻوليءَ جي تاريخ ٽن دورن ۾ ورهايل آهي: پراڻي فارسي (525 ق. م کان 300 ق. م) وچين دؤر واري فارسي (300 ق. م کان 800 عيسوي) جديد فارسي (800 عيسوي کان اڄ تائين). فارسي ٻولي تاريخ جي مختلف دورن ۾ مختلف رسم الخطن ۾ لکي وئي آهي. هيءَ ٻولي ’عربي ۽ ترڪيءَ‘ سان گڏ اسلامي تھذيب ۽ ثقافت جي قديم ٻولي آهي. جڏهن تہ 550 ق. م کان وچ اوڀر، وچ ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ تاريخ، شاعري، فلسفي، سائنس، مذهب ۽ ادب ۾ تحرير جو ذريعو پئي رهي آهي. هڪ اندازي موجب هلندڙ زماني ۾ سڄي دنيا ۾ لڳ ڀڳ 1 ارب (100 ڪروڙ) فارسي ڳالهائيندڙ موجود آهن. فارسي ٻولي، ايران ۾ ايراني، افغانستان ۾ ’دري‘ ۽ تاجڪستان ۾ ’تاجڪ‘ جي نالي سان اتان جي سرڪاري ٻولي آهي، جڏهن تہ آذربائيجان، ازبڪستان ۽ ترڪمانستان ۾ بہ هن ٻوليءَ جا ڪافي ڳالهائيندڙ موجود آهن. ان کان علاوہ ايران مان اتر آمريڪا ۽ يورپ ڏانھن لڏپلاڻ ڪري ويندڙ ماڻهو ذاتي سطح تي فارسي ٻولي ڳالهائيندڙ آهن. لسانياتي ماهرن هن ٻوليءَ جي ورڇ هند- يورپي ٻولي طور ڪئي آهي. تاريخي حوالي سان هن ٻوليءَ جو تعلق اتر هندستان ۽ پاڪستان جي ٻولين: سنسڪرت، هندي، سنڌي ۽ اردوءَ سان پڻ رهيو آهي. جڏهن تہ يورپ ۽ آمريڪا ۾ هن ٻوليءَ جو لاڳاپو انگريزي، جرمن، اسپينش ۽ فرينچ ٻولين سان رهيو آهي. هيءَ ٻولي چار اضافي اکرن (پ، ز، چ ۽ گ) سان عربي رسم الخط ۾ لکي وڃي ٿي. جيتوڻيڪ فارسي ٻوليءَ ۾ عربيءَ جا بي شمار لفظ ملن ٿا، تنھن هوندي بہ فارسيءَ جي نج اصلوڪن لفظن، جملي جي هيئت ۽ وياڪرڻ سبب هن ٻوليءَ جي ورڇ سامي ٻوليءَ طور نٿي ڪئي وڃي. يورپي- آمريڪي ٻولين سان فارسي ٻوليءَ جي بڻ بنياد جو لاڳاپو هيٺين لفظن مان لڳائي سگهجي ٿو: فارسي لفظ انگريزي اسپيني فرينچ پدر (پيءُ) فادر (Father) پادر پيئر مادر (ماءُ) مدر (Mother) مدر ميئر فارسي لفظ جرمن در ڊور (Door) عربي ٻوليءَ ۾ انھن لفظن جا متبادل لفظ بلڪل مختلف آهن جھڙوڪ: ابي- والد (پيءُ)، اما- والدہ (ماءُ) ۽ باب (در). فارسي ٻوليءَ جي تاريخ ٽن دؤرن ۾ ورهايل آهي: آڳاٽي/ پراڻي فارسي (553 کان 330 ق. م)، جنھن جا تحريري ثبوت بہ ملن ٿا. پراڻي فارسي اخميني/ هخامنشي سلطنت (قديم ايراني شاهي گهراڻي) جي سرڪاري ٻولي طور رائج هئي، جيڪا ميسوپوٽيميائي تھذيب تان ورتل ميخي خط ۾ لکي ويندي هئي. ميخي خط ۾ فارسي زبان جي اها تحرير شاهي لکتن مان ملي آهي. اوڀر ۾ هن ٻوليءَ جي شاخ ’اوستان / اوسته‘ آهي، جيڪا پڻ هڪ قديم ۽ زرتشت مت جي مقدس ڪتاب ’زنداوستا‘ جي ٻولي رهي آهي. اخميني/ هخامنشي سلطنت جي زوال کان پوءِ پراڻي فارسي ٻوليءَ جي جاءِ وچئين دؤر (330 ق. م کان اٺين عيسوي) واري فارسي ٻوليءَ ورتي، جيڪا آرامي / آرميڪي (Aramaic) خط تان اخذ ڪيل پھلوي خط ۾ لکي ويندي هئي. اهو رسم الخط ساساني سلطنت جي قيام دوران ايران ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رائج هو. جيتوڻيڪ وچئين دؤر واري فارسيءَ ۾ ڪافي مواد اسلام جي ابتدائي سالن ۾ لکيو ويو. وچين فارسي ٻوليءَ جو گهڻو استعمال زرتشت مت جي تحريرن، قول/اصلاحي نُڪتن ۽ درٻاري شاعري لاءِ ڪيو ويو. جديد فارسي ٻولي (اٺين/ نائين عيسوي کان اڄ تائين) جيڪا موجودہ وقت ۾ ڳالهائي ۽ لکي وڃي ٿي. اها عربن طرفان ايران ۽ فارسيءَ جي اثر وارا علائقا فتح ڪرڻ بعد نروار ٿي. جديد فارسي، وچئين زماني واري فارسيءَ جو جزوي روپ ۽ غير رسمي (غير ادبي) لھجو ئي آهي. هيءَ فارسي ڏهين صدي عيسويءَ کان عربي رسم الخط ۾ لکي پئي وڃي. عربي ۽ فارسي ڳالهائيندڙن جي وچ ۾ لاڳاپي سبب عربيءَ جا سوين لفظ فارسي ٻوليءَ ۾ مروج آهن، پر فارسيءَ جا صرف ڪجهہ لفظ ئي عربيءَ ۾ جٽاءُ ڪري سگهيا آهن. عباسي خلافت (750ع کان 1258ع) واري دؤر ۾ ڪيترائي عالم نسلي طور فارسي هئا، پر انھن گهڻو ڪري عربي ٻوليءَ ۾ طبع آزمائي ڪئي، جن ۾ مؤرخ ۽ قرآن ڪريم جي تشريح ۽ تفسير ڪندڙ محمد ابن جرار التبري (838ع-923ع) ۽ حديثن جا مجموعا مرتب ڪندڙ محمد البخاري (810ع-870ع)، ابو داؤد (818-888) ۽ ابن ماجه (824ع-887ع) شامل آهن. ان کان علاوہ پھريون ۽ ممتاز گرامر نويس ابو بشر عمرو بن عثمان بن قنبر البصري صباويح (Sibawayh) (وفات 793ع)، فلسفي ابن سينا (979ع-1037ع)، علم نجوم جو ماهر ۽ جغرافيائي دان ابو ريحان البيروني ۽ مشھور سني فقيه (ماهر دينيات) ۽ صوفي بزرگ ابو حامد الغزالي (1058ع-1111ع) شامل آهن. فارسي ادب جي روايتن جي بنياد بابت ڪا مستند تاريخ نٿي ملي، بلڪہ فارسيءَ جي وچئين زماني ۾ زرتشت مت جي ڀڄنن، شعري ٽڪرن، گوسان (Gosans) جي زباني روايتن ۽ فارسيءَ جي لوڪ بيتن مان معلومات ملي ٿي. يارهين صدي عيسوي ڌاري عباسي خلافت جي ڪمزور ٿيڻ ۽ اوڀر ۾ اسلامي سلطنت وارن علائقن جي، ترڪي سلطنت ۾ ضم ٿيڻ سان فارسي ٻوليءَ ۾ نوان ادبي لاڙا متعارف ٿيا. ترڪي حاڪمن فارسيءَ جي انھن درٻاري شاعرن کي سرڪاري حيثيت ڏني، جن سندن ۽ سندن درٻاري زندگيءَ جي واکاڻ کانسواءِ رومانوي ۽ سورهيائي جا داستان شاعريءَ وسيلي پئي سرجيا. جديد فارسي، پنھنجي مقامي بنياد سبب ايران، افغانستان، وچ ايشيا ۽ پوءِ خلافت عثمانيه، ترڪي ۽ اتر هندستان ۾ اعليٰ سطح جي فارسي تھذيب جو اثر ڇڏيو. فارسيءَ جي ابتدائي فن پارن ۾ فردوسيءَ جي شاهنامي (مثنوي) کي بنيادي حيثيت حاصل آهي. اهو داستان 977ع کان 1050ع جي وچ ۾ لکيو ويو. هن داستان ۾ فارس جي قديم بادشاهن جھڙوڪ: شھزادي رستم جي بھادريءَ جو داستان، جوشيلي بادشاھہ زاڪ، پيار ڪندڙ بزحان ۽ منيزه سميت زال ۽ روداباھہ جا داستان بيان ڪيا ويا. اسماعيلي فرقي جي هڪ مبلغ ’پير ناصر خسرو قبادياني، لعل بدخشان‘ (1004ع-1088ع) پنھنجي ذاتي مشاهدن، ان وقت جي حالتن ۽ مصر کان ويندي مڪي تائين ڪيل پنھنجي سفر کي پڻ فارسي شاعري يعني مثنوي ۾ سھڻي نموني قلمبند ڪيو. فارسي ادب ۾ ٻيو اهم ترين ڪم جمال الدين ابو محمد الياس عرف نظامي گنجويءَ (1141ع-1209ع) جي لکيل مثنوي ’خمسه نظامي‘ آهي، جنھن ۾ هن عرب جي رومانوي داستان ’ليلى مجنون‘ سان گڏ شاهنامي ۾ آيل داستانن کي نئين انداز ۽ اسلوب ۾ بيان ڪيو. هن پنھنجي شاعريءَ ۾ رومانويت سان گڏ مذهبي روحانيت کي بہ پيش ڪيو. فارسيءَ جي اهم ترين شاعرن، جن کي اڃا تائين ياد ڪيو وڃي ٿو، تن ۾ حڪيم ثنائي غزنوي (وفات: 1130ع)، شيخ سعدي شيرازي (وفات: 1292ع) ۽ خواجہ شمس الدين محمد عرف حافظ شيرازي (وفات: 1390ع) شامل آهن. کين فارسي شاعريءَ ۾ بنيادي ۽ امتيازي حيثيت حاصل آهي. فارسيءَ جي انھن شاعرن ’غزل‘ جي صنف تي وڌ کان وڌ طبع آزمائي ڪئي ۽ هن صنف کي ايترو عروج بخشيو، جو اها صنف ٻين ٻولين ۾ پڻ مروج ٿي. مثنويءَ جي ڀيٽ ۾ غزل مختصر بندن تي مشتمل شاعري آهي، جنھن ۾ محبت، جدائي، ميلاپ ۽ محبوب جي تعريف وارن احساسن کي قلمبند ڪيو وڃي ٿو. غزل جي موضوع ۾ عشق سان گڏ تصوف جو بہ ٿورو رنگ شامل ٿيو. ان ڏس ۾ غزل جا نمايان شاعر: فريد الدين عطار (وفات: 1230ع) ۽ جلال الدين رومي (وفات:1273ع) رهيا. فريد الدين عطار جا، صوفياڻي ۽ عارفاڻي ڪلام جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيا، جن مان مثنوي تي مشتمل سندس ڪتاب ’منطق الطير‘ تمام گهڻو مشھور آهي. هن ڪتاب جو دنيا جي ٻين ٻولين سميت سنڌي ٻوليءَ ۾ ’پکين جي پارليامينٽ‘ جي عنوان سان ترجمو ٿيو، جيڪو پروفيسر غلام حسين جلباڻيءَ جو ڪيل آهي. فارسيءَ جي عظيم شاعر مولانا جلال الدين روميءَ جو مشھور ڪم ’ديوان شمس تبريز‘ آهي، جنھن ۾ هن پنھنجي روحاني پيشوا، استاد ۽ دوست جي عظمت کي غزل جي شعرن ۾ بيان ڪيو آهي. ان کانسواءِ قرآن جي عڪاسي ڪندڙ چاليھه هزار بندن تي مشتمل مولانا روميءَ جي طويل ’مثنوي رومي‘ اهميت واري آهي. جلال الدين روميءَ جو ديوان فارسي شاعريءَ جو شاهڪار مڃيو وڃي ٿو. جنھن کي پوءِ جي فارسي عالم ۽ شاعر مولانا عبدالرحمٰن جامي (1414ع-1492ع) ’فارسي زبان ۾ قرآن‘ سڏيو آهي. هن ديوان جا دنيا جي لڳ ڀڳ مڙني ٻولين ۾ ترجما شايع ٿي چڪا آهن. فارسي زبان ۾ هڪ ٻيو صوفي شاعر جامي، هرات (هاڻوڪو افغانستان) جو رهاڪو هو، جنھن پنھنجي شاعريءَ جي مجموعي ’ڪليات حامي‘ ۾ نظاميءَ جي علامتي شاعريءَ کي حقيقت جو روپ ڏئي دنيا کي تصوف جي رمزن سان روشناس ڪرايو. سندس شاعريءَ جو ايران ۽ هندستان تي نمايان اثر ٿيو. فارسي ادب جو نمايان ۽ گهڻو حصو هندستان ۾ تخليق ٿيو، جنھن جي ابتداء دهلي سلطنت (1211ع-1526ع) جي قيام دوران ٿي ۽ اهو سلسلو مغل سلطنت (1526ع-1857ع) جي پڄاڻيءَ تائين قائم رهيو. انھن سلطنتن جي دورن ۾ فارسي ٻوليءَ ۾ وسيع پئماني تي تاريخ، فلسفو، صوفياڻا ليک ۽ شاعري لکي وئي. مغل سلطنت جي شھنشاھہ اڪبر (1556ع-1605ع) هندن جي داستانن تي ٻڌل تصنيفن کي فارسيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ سندس پڙ پوٽي دارا شڪوھہ (1615ع-1659ع) هندو ڌرمي ڪتاب ’اُپنشد‘ جو فارسي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو. ان کان علاوہ هن تصوف ۽ فلسفي جي موضوعن تي پڻ فارسي ٻوليءَ ۾ لکيو. هندستان سان تعلق رکندڙ فارسيءَ جو پھريون شاعرامير خسرو‘ (1253ع-1325ع) ليکيو وڃي ٿو، جيڪو درٻاري شاعر هئڻ سان گڏ چشتي سلسلي جو پوئلڳ هو. امير خسرو بنيادي طور غزل گو شاعر هو ۽ فارسي شاعريءَ ۾ فردوسيءَ جي لکيل شاهنامي ۽ نظامي جي لکيل ’خمسه نظامي‘ کان متاثر هو. هن فارسيءَ کان علاوہ اردو ۽ هنديءَ ۾ چشتي طريقي جي حضرت نظام الدين اولياء جي شان ۾ شاعري ڪئي. فارسي شاعري وسيلي تاريخ، تصوف ۽ ٻين موضوعن تي لکيل فن پارن اردو شاعريءَ تي بہ پنھنجو اڻ مٽ اثر ڇڏيو. فارسيءَ جي ان اثر هيٺ مرزا اسد بيگ عرف مرزا غالب (1797ع-1867ع) اردو ۽ فارسي ٻولين ۾ نثر توڙي نظم ۾ پاڻ ملهايو. نقادن جي مشاهدي موجب فارسي ادب ۾ زوال ’جامي‘ کان پوءِ ڏسڻ ۾ آيو، ان جو هڪ سبب مغربي ادب جو اثر ۽ اڻويھين صدي عيسويءَ جي پڇاڙي ۽ ويھين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ ڇپائي جي ترقي پڻ هو. نئين نسل جي ليکڪن روايتي موضوعن کي ترڪ ڪري، نون خيالن ۽ نون فڪري لاڙن کي ادب ۾ اهڙن ليکڪن مان نيمايوشج (اصل نالو علي اسفند ياري 1895ع-1960ع) جو نالو قابلِ ذڪر آهي. کيس ’جديد فارسي شاعريءَ جو ابو‘ بہ ڪوٺيو وڃي ٿو. هن فارسيءَ جي اساسي شاعريءَ کي روسي ۽ فرينچ شاعريءَ جي گڏيل امتزاج سان سھڻي نموني پيش ڪيو. شاعريءَ ۾ سندس خيال روايت پسنديءَ کي رد ڪندڙ هئا، هو ادب ۾ انفرادي اظھار جو قائل هو. سندس لکڻين خواندگيءَ جي شرح ۾ واڌارو آندو ۽ عورتن جو ادب ڏانھن لاڙو ٿيو. عورتن مان هڪ اهم نالو فروغ فرخزاد (1935ع-1967ع) جو آهي. نيما جي همعصرن ۾ ٻہ ٻيا اهم نالا محمد علي جمالزاده (1892ع-1997ع) ۽ صادق هدايت (1903ع-1951ع) آهن، جن فارسي ادب ۾ افساني کي هٿي وٺائي. 79-1978ع ڌاري آيل اسلامي انقلاب کان پوءِ ڪيترائي فارسي ادب جا ليکڪ، فلم بين ۽ ڊرامه نويس ان جي اثر هيٺ آيا. پر محمد رضا شاھہ پھلويءَ جي حڪومت جي خاتمي (1979ع) ۽ روح ﷲ خمينيءَ جي حڪومت قائم ٿيڻ بعد ڪيترائي آزاد خيال ليکڪ يورپ ۽ آمريڪا ۾ جلاوطنيءَ جي زندگي گذارڻ لڳا، جنھن جي ڪري فارسي ادب ۾ ٻين ٻولين جو ادب پکڙجڻ لڳو. 1970ع کان پوءِ جن ليکڪن ايران ۾ رهي فارسيءَ ۾ لکيو، تن صرف حڪومت جي اسلامي پاليسين جي حمايت ۾ ۽ سزا جي خوف کان نون لاڙن بدران روايتي انداز ۾ لکيو. 1990ع کان پوءِ وارن ڏهاڪن ۾ فارسي شاعري ۾ مابعد جديديت جي نالي سان هڪ ترقي پسند دؤر جو آغاز ٿيو، جنھن جديد شاعري ڏانھن رخ ڪيو ۽ روايتي فارسي شاعريءَ جي تال ۽ تال جي توازن واري اصول کي تبديل ڪري ڇڏيو. جيئن اڳ ۾ آزاد نظم ۾ محض فطري نغمگيءَ کي اهميت حاصل هئي، مگر هاڻي ڌيان جو مرڪز صرف ٻولي هئي. شاعريءَ مان نہ رڳو تال غائب هو پر ٻوليءَ جي دلفريبي ۽ حسن فارسي شاعري جي واڌاري جو مکيہ سبب بڻيا. ايران ۾ مابعد جديديت شاعريءَ جا ٽي نمايان شاعر: رضا برهانيءَ، علي عبدالرضائي ۽ علي باباچاهي آهن. انھن مان رضا برهاني جو ‘Addressed to Butterflies’ (پوپٽن سان خطاب)، علي عبدالرضائي جا؛ ‘Paris in Renault’، ‘So Sermon of Society’، ‘Shinema’ ۽ ‘Mothurt’ ۽ علي بابا چاهي جو ‘The Soft Rain is Me’ ان دؤر سان تعلق رکن ٿا. سنڌ ۾ فارسي ٻولي ۽ ادب: سنڌ ۾ عربي زبان عرب دؤر کان ۽ فارسي ٻولي غزنوي دور کان مروج ٿيون. سنڌ جي تاريخ مان واضح ٿئي ٿو ته، سنڌ جا سمورا حاڪم عربي ۽ فارسيءَ جا ماهر هئا. عرب دؤر کان وٺي ٽالپر عھد تائين بلڪہ انگريزن جي دؤر تائين سنڌ جي عالمن عربي ۽ هزارين فارسي ڪتاب تاليف ڪيا آهن. فارسي ٻولي ۽ ادب جي روايت جي شروعات رابعہ بنت ڪعب القصداري کان ٿي. رابعہ مشھور شاعرہ قصدار/ قزدار، توران (بلوچستان) ۾، جيڪو سنڌ جو حصو هو، 329ھہ/ 940ع ۾ پيدا ٿي. سلطان محمود غزنوي (388ھہ/ 998ع- 421/ھہ/ 1030ع) هند ۽ سنڌ ۾ ڪيتريون جنگيون وڙهيو. هن فارسي شعر ادب، علم ۽ حڪمت جي سرپرستي ڪئي. هن جي دؤر ۾ فارسي ٻولي ۽ ادب غزنه کان سنڌ تائين پھتو. محمود غزنوي 416 ھہ/ 1025ع ۾ منصوره تي قابض ٿيو. 603ھہ/ 1206ع ۾ محمد بن علي بن حامد بن ابي بڪر عوفي اچ مان لڏي اروڙ ۽ بکر ۾ اچي قاضي اسماعيل بن علي بن محمد ثقفي جي خدمت ۾ رهي عربي ڪتاب ’منھاج الدين والملڪ‘ جو ’چچ نامي‘ جي نالي سان فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جيڪو هن ناصر الدين ابو الفتح قباچه سنڌ جي واليءَ جي وزير عين الملڪ حسين بن شرف الملڪ رضي الدين ابوبڪر الاشھري جي نالي سان منسوب ڪيو. 618ھہ/ 1221ع ۾ محمد بن حمد بن يحييٰ بن طاهر بن عثمان العوفي اُچ (سنڌ) ۾ رهندڙ هو ۽ اتي ئي فارسيءَ جو پھريون ضخيم تذڪرو ’لباب الالباب‘ تاليف ڪيائين. سنڌ کي سڀ کان پھرين ايراني بادشاهن مان دارا فتح ڪيو ۽ قديم ايرانين سنڌ تي 325 ق. م تائين حڪومت ڪئي. بنو عباس جي خليفي معتمد عباسي، مشھور ايراني عالم يعقوب بن ليث صفاريءَ کي 247ھہ/ 861ع ۾ جڏهن سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو، تڏهن کان سنڌ ۾ فارسي مروج ٿيڻ لڳي. چوٿين صدي هجري/ ڏهين صدين عيسويءَ جا مورخ، سياح ۽ جاگرافيدان سنڌ ۾ فارسي ٻوليءَ جي مروج هجڻ طرف اشارا ڪن ٿا. هيءَ تاريخي حقيقت آهي تہ هن خطي ۾ فارسي ٻولي ۽ ادب جو آغاز سنڌ ۽ بلوچستان مان ٿيو. سمن جي دؤر جي آخري ڏهاڙن ۾ سنڌ ۾ خانہ جنگي ڏسي 927 ھہ/ 1520ع ۾ شاھہ بيگ ارغون سنڌ کي فتح ڪري پنھنجي حڪومت جو بنياد رکيو، جنھن کان پوءِ سنڌ ۾ فارسي ٻولي سرڪاري ٻوليءَ طور مروج ٿي. ارغون حاڪم مرزا شاھہ حسن بيگ ارغون 962ھہ/ 1554ع ۾ وفات ڪئي. سندس وفات کان پوءِ سنڌ ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي. اتر سنڌ مرزا سلطان محمود بکري جي قبضي ۾ ٿي ۽ لاڙ واري پاسي مرزا عيسيٰ ترخان قابض ٿيو. 981ھہ/ 1573ع ۾ سلطان محمود بکريءَ جي وفات کان پوءِ اتر سنڌ تي اڪبر بادشاھہ قبضو ڪيو، جنھن کان پوءِ 999ھہ/ 1590ع ۾ اڪبر بادشاھہ پنھنجي سپھه سالار عبدالرحيم خان خانان کي سنڌ جو باقي حصو فتح ڪرڻ لاءِ موڪليو. خان خانان سنڌ فتح ڪري مرزا جاني بيگ کي قيد ڪري اڪبر جي آڏو پيش ڪيو، جنھن کان پوءِ سڄي سنڌ اڪبر جي قبضي ۾ آئي ۽ سنڌ کي دهليءَ سان ملايو ويو. ان وقت سنڌ ۾ بہ فارسي ٻولي مروج هئي ۽ اهو دؤر فارسي ادب جي عروج وارو دؤر ڪوٺيو وڃي ٿو.


لفظ فارسي ٻوليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو