فاروقي (ذات): حضرت عمر فاروق رضہ جو تعلق، بنو ڪعب قريش سان هو. کين 9 پٽ هئا. فاروقي ۽ عمري سندن اولاد مان آهن. شھاب الدين فاروقي بن عبدالعزيز بن عبدالله بن حضرت عمر فاروق رضه، محمد بن قاسم سان گڏجي سنڌ ۾ آيو هو. هن کي محمد بن قاسم سيوهڻ جو گورنر (عامل) مقرر ڪيو ويو. محمود غزنويءَ جي دور ۾ شيخ محمد فاروقي بہ سيوهڻ جو گورنر رهيو. انهيءَ خاندان مان ابو سعيد، مخدوم بدرالدين، محمد شريف ۽ ميان محمد حافظ فاروقي سيوهڻ ۾ رهيا، جنهن جي اولاد مان سائين ڏنو ميان مير سنڌي سيوهاڻي، (درگاھہ لاهور ۾) قاضي بولڻ، قاضي عثمان، قاضي طاهر ۽ قاضي محمد فاروقي هئا، جن جو اولاد سڄي سنڌ ۾ پکڙيو ۽ ’فاروقي‘ سڏجڻ لڳا. سنڌ ۾ رهندڙ سرهندي پڻ فاروقي آهن. شھاب الدين جي هڪڙي پٽ جو نالو علم الدين هو، جنھن جي اولاد پاڻ کي ’علمداڻي فاروقي‘ سڏايو.