
فاروق احمد خان لغاري
فاروق احمد خان لغاري: خان لغاري'>فاروق احمد خان لغاري 29 مئي 1940ع تي، ڳوٺ چوٽي زرين، ڊيرا غازي خان (پنجاب) ۾ جنم ورتو. سندس خاندان برطانوي راڄ کان وٺي سياست ۾ سرگرم رهيو آهي. سندس والد نوابزاده محمد خان لغاري ۽ ڏاڏو خان بھادر نواب سر محمد جمال خان لغاري ترقي پسند اڳواڻ هئا. سندس پيءُ 1946ع ۾، پاڪستان جي تحريڪ دوران سياسي قيديءَ جي حيثيت ۾ نظربند ٿيو. ورهاڱي کان پوءِ 1949ع کان 1955ع تائين پنجاب جي صوبائي حڪومت ۾ وزير رهيو. فاروق لغاري لاهور جي مشھور ايچيسن ڪاليج مان 1957ع ۾ گريجوئيشن ڪئي. ان کان علاوہ هن فارمن ڪرسچن ڪاليج يونيورسٽيءَ مان 1960ع ۾ اقتصاديات ۾ بي اي آنرس ۽ سينٽ ڪيٿرائن ڪاليج، آڪسفورڊ مان فلسفي، سياست ۽ اقتصاديات (پي پي اي) ۾ ماسٽرس جون ڊگريون حاصل ڪيون. هن 1964ع ۾ سول سروسز جو امتحان ڏئي، سول سرونٽ جي حيثيت سان پنھنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي. 1973ع ۾ سرگوڌا ڊويزن جو ڪمشنر ٿي رهيو. سياست ۾ اچڻ کان پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ پنجاب جي نمائندگي ڪندي، سينيٽر منتخب ٿيو. 1977ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ صنعت جو وزير مقرر ٿيو. 1980ع ۾ هن صدر ضياءُ الحق جي حڪومت خلاف مظاهرن جي اڳواڻي ڪئي. 1988ع جي عام چونڊن ۾ حصو ورتائين. 1990ع کان 1993ع تائين هن بينظير ڀٽو جي اڳواڻيءَ ۾ ڊپٽي ليڊر آف اپوزيشن طور ڪم ڪيو. 1993ع وارين عام چونڊن ۾ پڻ حصو ورتائين. جنھن کان پوءِ آڪٽوبر 1993ع تائين وزير خارجہ رهيو. 14 نومبر 1993ع تي پاڪستان جي صدر طور حلف کنيائين. 1995ع ۾مھراڻ بئنڪ اسڪينڊل ۽ پاليسي معاملن تي وزير اعظم بينظير ڀٽو سان اختلاف پيدا ٿيڻ سبب هن 1996ع ۾ بينظير حڪومت برطرف ڪري ڇڏي. 1997ع ۾ پنھنجي صدارتي عھدي تان استعيفيٰ ڏئي ’ملت پارٽي‘ جي نالي سان نئين سياسي پارٽيءَ جو بنياد وڌائين. اها پارٽي 2004ع ۾ مسلم ليگ (ق) ۾ ضم ٿي وئي ۽ هو قومي اتحاد ۾ واپس آيو. 20 آڪٽوبر 2010ع تي راولپنڊيءَ جي ملٽري اسپتال ۾ دل جي بيماريءَ سبب وفات ڪيائين. سندس وفات کان پوءِ سندس پٽ جمال خان لغاري، لغاري قبيلي جو 23 هون سردار ٿيو.
1940.05.29 عيسوي
فاروق احمد خان لغاري 29 مئي 1940ع تي، ڳوٺ چوٽي زرين، ڊيرا غازي خان (پنجاب) ۾ جنم ورتو.
2010.10.20 عيسوي
فاروق احمد خان لغاري 20 آڪٽوبر 2010ع تي راولپنڊيءَ جي ملٽري اسپتال ۾ دل جي بيماريءَ سبب وفات ڪئي..