راشدي فاروق احمد

راشدي فاروق احمد

فاروق احمد راشدي

فاروق احمد راشدي : ليکڪ ۽ صحافي فاروق احمد راشديءَ جو اصل نالو سيد حزب شاھہ ولد سيد علي مظفر شاھہ راشدي آهي. هن 1977ع ڌاري پير جي ڳوٺ، تعلقي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. گـرئجـوئيـشن بعد هن سر شـاهـنواز ڀٽو شگر مِل ۾ ملازمت ڪئي، ان دوران شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپورميرس مان ماس ڪميونيڪيشن جي مضمون ۾ ايـم. اي بہ ڪيائين. شگـر مل کي اڻٽر بحرانن سبب بند ڪيو ويو، تہ هي مختلف نوڪريون ڪرڻ بعد 1999ع ۾ ’سچ‘ اخبار ۾ پروف ريڊر بڻيو. اهڙيءَ طرح هن صحافتي زندگيءَ جو آغاز ڪيو. فاروق احمد راشديءَ روزاني هلال پاڪستان، روزاني خبرون، عوامي آواز، سوڀ ۽ تعمير سنڌ ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪري چڪو آهي. هو ڪجهه سنڌي چئنلن تي بہ اسڪرپٽ ايڊيٽر بہ رهيو آهي. مختلف سماجي تنظيمن سان بہ وابستہ آهي ۽ هن وقت روزاني اخبار فاسٽ ٽائمز، لاڙڪاڻي جو نيوز ايڊيٽر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو