
فاروق رند
فاروق رند: سنڌي، اردو ڊرامن ۽ ٽيلي فلمن جي هدايتڪار فاروق رند جو مڪمل نالو محمد فاروق ولد محمد شفيع رند بلوچ آهي. سندس جنم 2 جنوري 1971ع تي ڪوٽڙي، ضلعي ڄامشوري ۾ ٿيو. هن 1995ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان بي. اي جي ڊگري حاصل ڪئي. عملي زندگي جي شروعات 1998ع کان پي. ٽي. وي تي ڊرامه ايڊيٽر طور ڪيائين. هن 2003ع ۾ سنڌي شارٽ فلم ’چنڊ ۽ ماني‘ ۽ ’داني‘ کان هدايتڪاريءَ جو آغاز ڪيو، جن فلمن کي 2006ع ڪارا انٽرنيشنل فيسٽيول ۾ بھترين شارٽ فلمن جي ايوارڊ سان نوازيو ويو. هن علي بابا جي مشھور سنڌي ڪھاڻي ’اسين ماڻهو‘ تي ڪي ٽي اين لاءِ ٽيلي فلم ٺاهي. جڏهن تہ علي بابا جي هڪ سنڌي ڪھاڻيءَ تي اردوءَ ۾ ’ڌرو‘ جي عنوان سان ٽيلي فلم ٺاهيائين. علي بابا جي لکيل ڪھاڻي ’دنگيءَ منجهہ درياھہ‘ تي آڌاريل اردو ٽيلي فلم ’نائو میں دریاھ‘ تي کيس هم ٽي وي طرفان 2008ع ۾ بھترين هدايتڪار جو ايوارڊ ڏنو ويو. هن ’سنجها‘، ’سنیتا‘، ’باغي‘، ’رشتے کچھ ادھورے سے‘، ’میرے مہربان‘،’جُگنو‘، ’گلُ رعنا، پکار‘،’عشق زہ نصیب‘،’محبت تم سے نفرت ہے‘،’ہم کہاں سے کچے تھے‘،’پیار کے صدقے‘ ۽ ’عشق مرشد‘ ۽ ٻين ڊرامن ۾ هدايتڪاري ڪئي. 2024ع ۾ سندس هدايتڪاري هيٺ نشر ٿيل ڊرامي ’عشق مرشد ‘ پاڪستاني ڊرامن جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڏسجڻ جو رڪارڊ قائم ڪيو. جنھن کي يوٽيوب ۽ ٻين فورمن اٽڪل پوڻا ٻہ ارب ماڻهن ڏٺو.
1971.01.02 عيسوي
سنڌي، اردو ڊرامن ۽ ٽيلي فلمن جي هدايتڪار فاروق رند جو مڪمل نالو محمد فاروق ولد محمد شفيع رند بلوچ آهي. سندس جنم 2 جنوري 1971ع تي ڪوٽڙي، ضلعي ڄامشوري ۾ ٿيو.