فاروق رند

فاروق رند

فاروق رند

فاروق رند: مشھور ليکڪ ۽ ڊائريڪٽر محمد فاروق ولد محمد شفيع رند جو جنم 02 جنوري 1971ع تي ڪوٽڙيءَ جي مشھور بلوچ خاندان ۾ ٿيو. ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم ڪوٽڙي مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ هن 1996ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪئي. عبدالڪريم بلوچ، علي بابا ۽ ساقي مرحوم جي خاندان جي فرد جي حيثيت ۾، هو شوبز جي دنيا سان وابسته ٿيو ۽ 1997ع کان 2003ع تائين ڊراما ايڊيٽر طور ڪم جي شروعات ڪئي. 2003ع کان هو ڊائريڪشن طرف آيو. سندس ڊائريڪشن هيٺ تيار ڪيل مشھور ڊرامن ۾: ‘اسين ماڻهو’، ‘خالي فريم’، ‘سنيتا’، ‘بادل ناسي بادل’، ‘چنڊ ۽ ماني’ (2006ع جي بين الاقوامي فيسٽيول ۾ شامل ڪيل)، ‘ڪن رس’ (اردو، 2005ع جي بين الاقوامي فيسٽيول ۾ شامل ڪيل)، ‘داني’ (2006ع جي ڪارا انٽرنئشنل فيسٽيول ۾ شامل ڪيل)، ‘هيومن لائيڪ پيپل’ (شارٽ فلم) ۽ ‘سانس لي اي زندگي ’ (شارٽ فلم، 2009ع جي بين الاقوامي فلم فيسٽيول ۾ شامل ڪيل) شامل آهن.2008 ع ۾ علي بابا جي قلمي شاهڪار ‘ناؤ ۾ درياهه’ جي نالي سان، سندس ڊائريڪشن هيٺ تيار ڪيل ٽيلي فلم، ‘هم ٽي. وي فيسٽيول جا چار ايوارڊ حاصل ڪيا. هيءَ هم ٽي. وي جي پھرين ٽيلي فلم هئي. 2012ع جي هم ٽي. وي فيسٽيول ۾ ‘سنجها’ ڊرامي تي کيس بھترين ڊائريڪٽر جو ايوارڊ مليو. USAID جي مالي سھڪار سان تعليمي مقصدن لاءِ تيار ڪيل ‘ديا جلائي رکنا’ پڻ، سندس ڊائريڪشن هيٺ ‘جيو’ ٽي. وي تان نشر ٿيو. ان کان علاوه ‘ميري مھربان’، ‘رشتي ڪڇ اڌوري سي’ ۽ ‘باغي’ به سندس مشھور ڊراما آهن. ‘باغي’ سيريل تي کيس 2018ع ۾ لڪس اسٽائيل ايوارڊ’ پڻ مليو. ‘عشق زهِه نصيب’، ‘پيار ڪي صدقي’ (2021ع ۾ لڪس اسٽائيل جا 4 ايوارڊ) به سندس بھترين ڊرامن طور مشھور ٿيا. 2024ع ۾ ‘عشق مرشد’ جي نالي سان، سندس ڊائريڪشن هيٺ هڪ بلاڪ بسٽر ڊرامو ‘هم’ ٽي وي تان پيش ڪيو ويو، جنھن ملڪي ۽ بين الاقوامي سطح تي ڪيترن ئي ايوارڊن سميت ريٽنگ جا نوان رڪارڊ قائم ڪيا آهن.


لفظ فاروق رندھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو