
فاروق سولنگي
فاروق سولنگي: فاروق سولنگي 10 نومبر 1947ع تي دادو شھر ۾ جنم ورتو. هن 1971ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. اي سوشيالاجيءَ ۾ ڪئي. سندس پھرين ڪھاڻي 1974ع ۾ ’سھڻي‘ رسالي ۾ شايع ٿي. 1980ع تائين پاڪستان ٽيليويزن ۽ پوءِ مختلف خانگي ٽي. وي چئنلن تي سندس ڪيترائي ڊراما نشر ٿيا. پي. ٽي. وي تان ’گامون سچار‘ ڊرامي جون 26 قسطون نشر ٿيڻ کان پوءِ سندس شھرت ۾ اضافو ٿيو. بعد ۾ هن اردو ڊراما بہ لکيا، اردو ڊراما سيريل ’بيچاره‘ جون 12 ۽ ’دنيا ديواني‘ سيريل جون 9 قسطون پي. ٽي. وي تان نشر ٿيون. ان کان سواءِ هن ڪيترائي سولو پلي بہ لکيا. سندس ڪھاڻين جو پھريون مجموعو ’سرد هوائون‘ 2000ع ۾ ڇپيو، ’وکريل ماڻهو‘ جي نالي سان سندس ناول بہ ڇپجي چڪو آهي. فاروق سولنگي سوشل ويلفيئر آفيسر طور رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ 13 جولاءِ 2009ع تي دادوءَ ۾ وفات ڪئي.
1947.11.10 عيسوي
فاروق سولنگي 10 نومبر 1947ع تي دادو شھر ۾ جنم ورتو.
2009.07.13 عيسوي
فاروق سولنگي 13 جولاءِ 2009ع تي دادوءَ ۾ وفات ڪئي.