فاضل بيگ

فاضل بيگ: ميان نور محمد خان ڪلھوڙي جي حڪومتي دؤر ۾ نادر شاھہ افشار طرفان ٺٽي تي مقرر ڪيل نائب فاضل بيگ، نادر شاھہ جو خاص وزير هو. جڏهن نادر شاھہ افشار سنڌ تي حملو ڪيو، تڏهن ميان نور محمد خان ڪلهوڙو روپوش ٿي ويو ۽ ڪجهہ عرصي کان پوءِ صلح ڪرڻ لاءِ ميان نور محمد خان اچي نادر شاھہ جي آڏو پيش پيو، جنھن کان پوءِ نادر شاھہ کيس ’شاھہ قلي‘ جو خطاب ڏنو. ميان نور محمد ٺٽي ۾ پنھنجا مقرر ڪيل ماڻهو واپس گهرائي ورتا، جنھن بعد ٺٽي جو نظام نادر شاھہ پنھنجي خاص وزير ۽ وڪيل فاضل بيگ جي حوالي ڪيو. فاضل بيگ جي مدد لاءِ نادر شاھہ رضا بيگ، راڻو ڌاراجا ۽ ساجن رانيھه کي پڻ ٺٽي ۾ مقرر ڪيو.


لفظ فاضل بيگھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو