فاضل خان ٺٽوي: فاضل خان ٺٽويءَ جو اصل نالو عثمان سميجو هو ۽ هي ٺٽي جي ملا خاندان مان هو. هي مخدوم معين ٺٽويءَ جي ڏاڏي مخدوم طالب ﷲ جو مريد هو. انھيءَ عقيدت سبب هن پنھنجي ڌيءُ جي شادي مخدوم طالب ﷲ جي پٽ مخدوم محمد امين سان ڪئي. جنھن مان علامہ محمد معين پيدا ٿيو. اهڙيءَ طرح فاضل خان، مخدوم محمد معين ٺٽويءَ جو نانو ٿيو. هي عالم پنھنجي تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ پنھنجي قابليت سبب اورنگزيب عالمگير جي درٻار ۾ مير منشي مقرر ٿيو ۽ بادشاھہ جي طرفان فاضل خان جو لقب عطا ٿيس ۽ آخرڪار ترقي ڪندو وڃي صدرالصدور جي عھدي تي پھتو. ملا فاضل خان ٺٽوي پنھنجي دؤر جو تمام وڏو عالم، اديب ۽ شاعر هو. خاص ڪري فارسي انشا پردازي ۾ قابل هو، سندس مڪتوبات ان زماني ۾ ڪافي مشھور هئا. سندس وفات 1096ھہ/1684ع ۾ ٿي. ملا عبدالحڪيم عطا ٺٽوي هن مصرع مان سندس تاريخ ڪڍي آهي. ”مشعل ملڪ سند گل شد حيف“ ( 1096ھہ)1684ع