
راهو فاضل
فاضل راهو: فاضل راهو ولد احمد خان راهو جو جنم 1937ع ڌاري ڳوٺ راهوڪي، ضلعي بدين ۾ احمد خان راهوءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. فاضل راهو جو تعلق هڪ غريب گهراڻي سان هو. سندس والد هاري هو، جنھنڪري غربت جي ماحول ۾ سندس تربيت ۽ تعليم ٿي. هو جڏهن جوان ٿيو تہ سندس دل ۾ مظلوم طبقي ۽ هارين ۾ سجاڳي آڻڻ ۽ انھن جا مسئلا حل ڪرائڻ جو جذبو پيدا ٿيو. جنھن سبب اڳتي هلي هاري تحريڪ ۾ شامل ٿيو. هن هاري تحريڪ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون ۽ ڊگهي عرصي تائين جيل جي چوديواريءَ ۾ قيد رهيو، پر ڪڏهن بہ اصولن جي سوديبازي نہ ڪئي. فاضل راهو صدر ايوب خان جي زماني ۾ بلدياتي چونڊن ۾ وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيو. بعد ۾ يونين ڪائونسل ترائي جو چيئرمين ٿيو. 3 مارچ 1970ع تي نامور دانشور رسول بخش پليجي جڏهن ’سنڌي عوامي تحريڪ‘جو بنياد رکيو. تڏهن فاضل راهو ساڻس گڏ هو. پاڻ هميشہ سنڌ جي مظلوم طبقي لاءِ آواز اٿاريندو رهيو. هو سنڌين جي زمينن جي نيلامي بند ڪرائڻ ۽ سنڌيءَ ۾ ووٽر لسٽون لکڻ وارين تحريڪن ۾ سرگرم رهيو. صوبائي خودمختياريءَ لاءِ آخر تائين جدوجھد ڪندو رهيو. جنرل ضياءَ جي مارشل لا کان نجات وٺڻ لاءِ پاڪستان جي پارٽين گڏجي ايم. آر. ڊي جو بنياد وڌو. ان تحريڪ ۾ پڻ هن ڪافي ڪم ڪيو. ايم. آر. ڊي ۾ مسلسل جدوجھد دوران کيس جيل موڪليو ويو. جتي ٽي سال جيل ۾ قيد ۽ عتاب هيٺ رهيو. هن سنڌي عورتن ۾ بيداري آڻڻ لاءِ گهڻي ڪوشش ڪئي. عوام جا مسئلا حل ڪرائڻ ۾ سندس وڏي دلچسپي رهي. غريب ۽ بي پھچ ماڻهن جا ڪم نہ ڪرڻ سبب اُتي جي آفيسرن ۽ وڏيرن سان جهيڙيندو رهيو. اهو ئي سبب هو جو سنڌ جي هن عوامي ڪردار کي 17 جنوري 1987ع تي گولاڙچي شھر ۾ ڪھاڙين جا وار ڪري، قتل ڪيو ويو. شھيد فاضل راهو جي نياڻيءَ شھناز راهو ’شھيد فاضل راهو جا جيل جا خط‘ نالي هڪ ڪتاب ترتيب ڏئي ڇپايو. علي اظھار ’فاضل جون آکاڻيون‘ (ٻارن لاءِ) لکي ڇپايو آهي. ان کان علاوہ سندس ڀيڻ مريم راهو ’ويا سانول ڇاڇا سنگ ڇڏي‘ جي نالي سان يادگيريون لکيون آهن. سندس زندگيءَ تي ’محمد فاضل راهو هڪ لطيفي ڪردار‘ (2022ع) جي نالي سان هڪ ڪتاب ’محمد علي مخمور مھيري‘ ترتيب ڏيئي ڇپرايو.
1970.03.03 عيسوي
3 مارچ 1970ع تي نامور دانشور رسول بخش پليجي سان گڏجي ”سنڌي عوامي تحريڪ“ پارٽيءَ جو بنياد رکيائين.
1987.01.17 عيسوي
فاضل راهو کي 17 جنوري 1987ع تي گولاڙچي شهر ۾ ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪيو ويو.