
فاطمه ثريا بجيا
فاطمہ ثريا بجيا: فاطما ثريا بجيا پھرين سيپٽمبر 1930ع تي حيدرآباد دکن (انڊيا) ۾ قمر مقصود حميديءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس خاندان جو تعلق ناليواري صوفي بزرگ حميدالدين ناگپوري سان هو. سندس ڀائرن ۾ ناليوارو اديب ۽ ڪمپيئر انور مقصود ۽ احمد مقصود، ڀينرن ۾ سارا نقوي، ناليواري افسانہ نويس ۽ شاعرہ زھرہ نگار کان سواءِ آپا زبيدہ طارق سندس خاندان جون اهم شخصيتون آهن. هن جو خاندان ورهاڱي کان پوءِ 1948ع ۾ پاڪستان آيو ۽ ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير ٿيو. فاطما ثريا بجيا ڪنھن بہ اسڪول مان باقاعدہ تعليم حاصل نہ ڪئي، کيس اردو، عربي، فارسي، سنسڪرت ۽ انگريزي ٻولين ۾ سٺي ڄاڻ حاصل هئي. هن تيرهن سالن جي ڄمار ۾ پھريون ناول ’مسلم سماج‘ جي عنوان سان لکيو. سندس لکيل افسانا، ڪھاڻيون ۽ ناول مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهيا. بجيا هفتيوار اردو رسالي ’اخبار جھان‘ ۾ مقبول سلسلي ’باگيشري‘ ۾ ڪافي وقت تائين لکيو. ان کانسواءِ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس لکيل سلسلا ۽ طويل ڪھاڻيون ڇپيون. هن پاڪستان ٽيليويزن لاءِ 1982ع کان لکڻ جي شروعات ڪئي.
هن ناليوارن اديبن حشر ڪاشميري'>آغا حشر ڪاشميري، ڊپٽي نذير احمد ۽ منشي پريم چند جي حياتيءَ تي ڊرامائي فيچر پڻ لکيا. هن جا لکيل ڊراما ’شمع‘، ’افشان‘، ’آبگيني‘، ’بابر‘، ’انا‘، ’عروسا‘، ’انارڪلي‘، ’زينت‘، ’آگهي‘، ’سسئي پنھون‘ ۽ ٻيا نھايت مقبول ويا، جيڪي سماجي ۽ خانداني مسئلن جي عڪاسي ڪندڙ آهن. هن ريڊيو لاءِ پڻ ڪيترائي ڊراما لکيا، جن ۾ ’مسافر‘، ’راستي اور منزلين‘ يادگار ريڊيائي سلسلا رهيا. هن جاپاني لوڪ ڪھاڻين جو ترجمو ڪرڻ کان سواءِ سنڌ جي نامياري شاعر شيخ اياز جي افسانن کي اردوءَ ۾ ترجمو ڪيو. سندس ادبي، فني ۽ ثقافتي خدمتن عيوض 1997ع ۾ پاڪستان حڪومت پاران کيس ’حسن ڪارڪردگي‘ ايوارڊ سان نوازيو ويو. 2012ع ۾ کيس پاڪستان جي طرفان ’هلال امتياز‘ پڻ ڏنو ويو. ان کانسواءِ هن کي ڪيترائي قومي ۽ عالمي ايوارڊ ڏنا ويا. اسٽيج لاءِ لکيل سندس ڊرامن ۾ ’خوشبو ڪا جهونڪا‘، ’نيز نشان منزل‘، ’ذرا بچ ڪي‘ ۽ ’زبانِ يارمن‘ شامل آهن. فاطما ثريا بجيا اديب ۽ ليکڪا سان گڏ هڪ سماجي شخصيت هئي. هن 10 فيبروري 2016ع تي وفات ڪئي. کيس ڪراچيءَ جي ڊفينس واري قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.
1930.09.01 عيسوي
فاطما ثريا بجيا پھرين سيپٽمبر 1930ع تي حيدرآباد دکن (انڊيا) ۾ قمر مقصود حميديءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.
2016.02.10 عيسوي
فاطما ثريا بجيا اديب ۽ ليکڪا سان گڏ هڪ سماجي شخصيت هئي. هن 10 فيبروري 2016ع تي وفات ڪئي. کيس ڪراچيءَ جي ڊفينس واري قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.