
فاطمه جناح
فاطمہ جناح: سياستدان، ليکڪا، سماجي اڳواڻ ۽ باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي ننڍي ڀيڻ فاطمہ جناح جو جنم 31 جولاءِ 1893ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو. هُوءَ ٻن سالن جي هئي تہ سندس والدہ لاڏاڻو ڪري وئي، 1902ع ۾ سندس والد بہ گذاري ويو. جنھن کان پوءِ سندس پرورش وڏي ڀاءُ قائداعظم محمد علي جناح ڪئي. ابتدائي تعليم ڪراچيءَ مان ۽ مئٽرڪ باندره جي ڪانونٽ اسڪول مان پاس ڪيائين. هن 1919ع ۾ ڪلڪتي يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل ڊاڪٽر آر احمد ڊينٽل ڪاليج ۾ ڏندن جي شعبي ۾ ڊاڪٽريءَ جي تعليم حاصل ڪئي. 1922ع کان ڇھن ستن سالن تائين بمبئي ۾ هڪ ڊينٽل ڪلينڪ هلائيندي رهي. 1929ع ۾ محمد علي جناح جي گهر واريءَ رتن ٻائيءَ جي وفات کان پوءِ هن ڀاءُ وٽ رهي، ان جو گهر ۽ سندس ڌيءُ دينا کي سنڀاليو. جناح جي لنڊن ۾ رهائش دوران بہ هُوءَ ساڻس گڏ رهي. تحريڪ پاڪستان دوران سرگرم رهي ۽ ان دور ۾هن مسلمان عورتن جي تنظيم ٺاهي ۽ انهن کي سرگرم ڪيو. 1948ع ۾ قائداعظم جي وفات کان پوءِ هن عملي سياست کان ڪنارہ ڪشي ڪري ڇڏي. 1964ع ۾ صدارتي چونڊن جي موقعي تي، قائداعظم جي سياسي ساٿين جي زور ڀرڻ تي هُوءَ ٻيھر سياست ۾ آئي ۽ صدارتي اميدوار طور چونڊن ۾ حصو ورتائين، پر جنرل ايوب خان کيس کٽڻ نہ ڏنو. ان چونڊ سرگرمي کان پوءِ، هن ڪنھن بہ سياسي تحريڪ يا سرگرميءَ ۾ حصو نہ ورتو. باقي زندگي سماجي ڪمن ۽ قومي تقريبن ۾ حصو وٺندي رهي. ’اپوا‘ نالي هڪ سماجي تنظيم ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن 9 جولاءِ 1967ع ۾ ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي. کيس قائد اعظم محمد علي جناح جي مقبري ڀرسان ڪراچيءَ ۾ دفنايو ويو. کيس ’مادرِ ملت‘ جو لقب ڏنو ويو، جيڪو پوءِ عام مشھور ٿي ويو. هن، پنھنجي ڀاءُ جي سوانح متعلق هڪ ڪتاب ’My Brother‘ لکيو، جيڪو شريف المجاهد ايڊٽ ڪري 1987ع ۾ ڇپايو.
1893.07.31 عيسوي
سياستدان، ليکڪا، سماجي اڳواڻ ۽ باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي ننڍي ڀيڻ فاطمه جناح جو جنم 31 جولاءِ 1893ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو.
1967.07.09 عيسوي
فاطمه جناح 9 جولاءِ 1967ع ۾ ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي. کيس قائد اعظم محمد علي جناح جي مقبري ڀرسان ڪراچيءَ ۾ دفنايو ويو.