ڊاڪٽرفاطمه حسن

ڊاڪٽرفاطمه حسن

فاطمہ حسن، ڊاڪٽر

فاطمہ حسن، ڊاڪٽر: شاعرہ ڊاڪٽر فاطمہ حسن جو پورو نالو سيده انيس فاطمہ زيدي آهي. 15 مئي 1952ع تي ڍاڪا، بنگال (مشرقي پاڪستان) ۾ پيدا ٿي. هن ابتدائي تعليم ڍاڪا مان حاصل ڪئي. 1970ع ۾ ڍاڪا يونيورسٽيءَ مان بي. اي (آنرز) کان پوءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان صحافت ۾ ايم. اي ڪيائين. ساڳي ئي شعبي مان 2007ع ۾ Ph.D جي ڊگري حاصل ڪئي. عملي زندگيءَ جو آغاز 1977ع کان اطلاعات کاتي، حڪومت سنڌ ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر طور ڪيائين، جتي هن کاتي طرفان شايع ٿيندڙ ’اظھار‘ رسالي ۾ ڪم ڪيو. 1983ع کان سنڌ ائمپلائيز سوشل سيڪيورٽي انسٽيٽيوشن ۾ عوامي لاڳاپن توڙي تربيتي ۽ تحقيقي شعبي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر، 1988ع ۾ سنڌ ڪچي آبادي اٿارٽي ۾ عوامي لاڳاپن، مانيٽرنگ ۽ ڪو آرڊينيشن جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ وري 1993ع ۾ ساڳئي اداري سنڌ امپلائيز سوشل سيڪيورٽي انسٽيٽيوشن ۾ ڊائريڪٽر جي عھدي تي فائز رهي. 2012ع ۾ ’محمد علي جناح يونيورسٽي ڪراچي‘ ۾ بزنس ائڊمنسٽريشن شعبي ۾ پروفيسر طور 2013ع ۾ ’خانگي تعليمي ڪميونيڪيشن ائنڊ اڪنامڪس‘ جي پروفيسر ۽ ڊين فائز ٿي. انجمن ترقي اردو، پاڪستان جي اعزازي سيڪريٽري ۽ وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جي سينيٽ جي رڪن ۽ باباءِ اردو چيئر جي (اعزازي) ڊائريڪٽر، ماهوار ’قومي زبان‘ جي ايڊيٽر عھدن تي پڻ فائز رهي. فاطمہ حسن ڪيترن ئي ڏيھي توڙي پرڏيھي ڪانفرنسن ۾ مختلف موضوعن تي مقالا پيش ڪري چڪي آهي. فاطمہ حسن جي ڇپيل ڪتابن ۾: ’بهتي هوئي ڦول‘ (1977ع)، ’دستڪ سي در ڪا فاصل‘ (1993ع)، ’يادين ڀي اب خواب هوئين‘ (2008ع)، ’ياد يڪ بارشين‘ (2005ع)، ’فاصلون سي ماورا‘ (2005ع) ۽ ڊاڪٽر ستيا پال آنند ۽ ڊاڪٽر ڊيوڊ ميٿيو جي چونڊ شاعري جي ترجمي تي ٻڌل مجموعو (2015) Dream strange was the ڪھانيان گم هو جاتي هين (2000ع)، ز. خ. ش؛ حيات و شاعري (تحقيقي جائزو) (2007ع) ۽ ڪتابِ دوستان (2011ع): خاموشي ڪي آواز (1991ع)، فيمنزم اور هم (2005ع)، بلوچستان ڪا ادب اور خواتين (2006ع)، مطالعه اقبال ڪي جهتين (2018ع)، مطالعهءغالب ڪي جهتين (2019ع) اهم جاءِ والارين ٿا. حڪومت پاڪستان پاران کيس ادبي خدمتن جي مڃتا طور تمغئه امتياز ملي چڪو آهي.


لفظ فاطمہ حسن، ڊاڪٽرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1952.05.15  عيسوي

شاعره ڊاڪٽر فاطمه حسن جو پورو نالو سيده انيس فاطمه زيدي آهي. 15 مئي 1952ع تي ڍاڪا، بنگال (مشرقي پاڪستان) ۾ پيدا ٿي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چيچن داس رائسنگهاڻي
رتيش سڌواڻي
در محمد گائنچو
آڏواڻي جڳت
خليفو عبدالحميد چانڊيو حڪيم
حاجي شفيع محمد مسجدي
حڪيم حاجي محمد حسين شيخ
خميسو خان استاد
پرمانند ڏيپچند هندوجا
اعجاز سمون
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون