ڊاڪٽرفاطمه شاهه

ڊاڪٽرفاطمه شاهه

فاطمہ شاھہ ڊاڪٽر

فاطمہ شاھہ، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر فاطمہ شاھہ 11 فيبروري 1916ع تي هندستان جي مشھور يونيورسٽي عليڳڙھہ جي پروفيسر عبدالمجيد قريشيءَ جي گهر ۾ پيدا ٿي. ورهاڱي کان پوءِ سندس خاندان ڪراچيءَ ۾ اچي رهائش پذير ٿيو. جتي هن جي شادي سيد جواد علي شاھہ سان ٿي، ڪجهہ عرصي کانپوءِ، ڪنھن بيماريءَ سبب سندس اکين جو نور ختم ٿي ويو. جنھن سبب کيس نابين ماڻهن جو گهڻو احساس ٿيڻ لڳو. ان ڪري 1960ع ۾ هن اکين جي روشنيءَ کان محروم ماڻهن لاءِ هڪ ادارو ’انٽرنيشنل ايسوسيئيشن آف دي بلائينڊز‘ قائم ڪيو. هيءَ ان اداري جي تاحيات صدر طور خدمتون سرانجام ڏيندي رهي. 1981ع کان 1984ع تائين وفاقي مجلس شوريٰ جي رڪن رهي. ان کان علاوہ انٽرنيشنل ’چلڊرن پروگرام‘ لاءِ ڪنوينر مقرر ٿي. سندس سوانح حيات انگريزيءَ ۾ (Sunshine and Shadows) نالي سان ڇپيل آهي. کيس سماجي خدمت عيوض ڏيھي توڙي پرڏيھي ايوارڊ پڻ مليا. 1975ع ۾ حڪومت پاڪستان پاران سندس خدمتن جي مڃتا طور ’تمغهءِ پاڪستان‘ ڏنو ويو، هن 12 آڪٽوبر 2002ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاھہ ڪراچيءَ ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1916.02.11  عيسوي

ڊاڪٽر فاطمه شاهه 11 فيبروري 1916ع تي هندستان جي مشھور يونيورسٽي عليڳڙهه جي پروفيسر عبدالمجيد قريشيءَ جي گهر ۾ پيدا ٿي.


2002.10.12  عيسوي

ڊاڪٽر فاطمه شاهه 12 آڪٽوبر 2002ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاهه ڪراچيءَ ۾ آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

طارق احمد ميمڻ
رائڌڻ منڌرو
حاجي عبداللطيف شاھہ قادري
سنت ڌيانداس
آڏواڻي سنيل سندر سنگهه
ڀاڳت فقير
دلشاد چاوڙو
جوزف سلاڊن
ظفر ﷲ خان
سعيد خان چغته
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون