
فاطمه ڀٽو
فاطمہ ڀٽو: شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي پوٽي ۽ شھيد مير مرتضيٰ ڀٽي جي نياڻي فاطمہ ڀٽو 29 مئي 1982ع تي افغانستان ۾ جنم ورتو. مير مرتضيٰ ڀٽي 1982ع ۾ افغانستان مان پھرين شادي ڪئي هئي، جنھن جو نالو فوزيہ فصيح الدين هو. جنھن مان کيس فاطمہ ڀٽو ڄائي. ان گهر واريءَ کي طلاق ڏيڻ کان پوءِ سندس ٻي شادي غنويٰ سان ٿي، جنھن فاطمہ ڀٽو جي پرورش ڪئي. هن شروعاتي تعليم آمريڪن اسڪول ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي. گريجوئيشن ڪولمبيا يونيورسٽي آمريڪا جي برنارڊ ڪاليج مان ۽ ماسٽرس اسڪول آف اورينٽل اينڊ آفريڪن اسٽڊيز، لنڊن يونيورسٽيءَ مان ڪئي. فاطمہ ڀٽو هڪ نامور ليکڪا ۽ شاعرہ آهي. سندس پنج ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. جن مان پھريون “Whispers of the Desert” سندس انگريزي شاعريءَ جو ڪتاب آهي. اُها شاعري هن 15 سالن جي عمر ڌاري ڪئي هئي، جنھن ۾ هن پنھنجي پيءُ شھيد مير مرتضيٰ ڀٽي جي يادن کي احساساتي روپ ڏنو آهي. سندس ٻيو ڪتاب ’8:50 ‘am آهي، جيڪو 8 آڪٽوبر 2005ع تي اترين علائقن ۾ آيل زلزلي ۾ ٿيل جاني ۽ مالي نقصان بابت آهي. هي ٻئي ڪتاب آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس طرفان ڇپيل آهن. فاطمہ ڀٽو جو ڪتاب ‘Songs of Blood & Sword’ پنھنجي والد جي شھادت، جدوجھد ۽ ڪٽنب بابت آهي، جنھن جو مھورت اپريل، 2010ع ۾ ڀارتي شھر بئنگلور ۽ ڪراچيءَ ۾ ڌار ڌار ٿيو. 2013ع ۾ لکيل هن جو ناول ’The Shadowlof Crescent Moon‘ 2014ع جي ’بيلي وومينس پرائيز فار فڪشن‘ لاءِ مقابلي ۾ شامل ڪيو ويو هو. 2019ع ۾ ڇپيل هن جو ڪتاب ’New Kings of the World‘ شاھہ رخ خان، ڪي. پاپ ميوزڪ ۽ ترڪش ڊرامن بابت آهي. هوءَ پاڪستان جي وڏين اخبارن، جنگ ۽ انٽرنيشنل نيوز ۾ هفتيوار ڪالم بہ لکندي رهي آهي. هن تازو لبنان جي دوري دوران اسرائيلي حملن متعلق هفتيوار ڊائري بہ لکي آهي. شھيد محترمہ بينظير ڀٽو جي بہ ويجهو رهي. سندس شادي 27 اپريل 2023ع تي آمريڪي نزاد جبران سان ڪراچيءَ ۾ ٿي.
1982.05.29 عيسوي
شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي پوٽي ۽ شھيد مير مرتضيٰ ڀٽي جي نياڻي فاطمه ڀٽو 29 مئي 1982ع تي افغانستان ۾ جنم ورتو.