
فالج
فالج: هن مرض کي سنڌيءَ ۾ ’اڌ رنگ‘ ۽ طبي ٻوليءَ ۾ ’Paralysis‘ چيو ويندو آهي. هيءَ هڪ اهڙي بيماري آهي، جنھن ۾ جسم جو ڪو بہ هڪ حصو اوچتو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندو آهي. هن مرض جو تعلق رت جي شديد گهاٽي ٿيڻ يا ڄمي وڃڻ سان آهي. طبي تحقيق مان اها ڳالھہ ثابت ٿي آهي تہ جيڪڏهن فالج متاثر مريض کي فوري طور اسپتال وٺي وڃجي ۽ بروقت طبي امداد فراهم ڪجي تہ موت ۽ معذوريءَ کان بچڻ جا امڪان ڪافي حد تائين وڌي وڃن ٿا، ان ڪري ئي ورلڊ اسٽروڪ آرگنائيزيشن طرفان هر سال 29 آڪٽوبر تي فالج جو عالمي ڏينھن ملھايو ويندو آهي، جنھن جو عنوان ’Minutes can save lives‘ رکيل آهي. يعني چند منٽ زندگي بچائڻ جا ضامن ٿي سگهن ٿا. ڇاڪاڻ تہ فالج جي حملي کان پوءِ جيئن جيئن دماغ جا خليا (نيوران) ختم ٿيڻ لڳن ٿا. تيئن تيئن مرض جي ڳنڀيرتا وڌندي وڃي ٿي. فالج جا بنيادي ٻہ قسم: Ischemic ۽ Hemorrhagic آهن. پھرئين قسم ۾ رت جي نالي (نس) ۾ رت گهاٽو ٿيڻ يا ڄمي وڃڻ سبب رڪاوٽ پيدا ٿئي ٿي ۽ گهربل مقدار ۾ دماغ تائين رت جي فراهمي نہ ٿيڻ ڪري جسم جو ڪو بہ هڪ حصو مفلوج ٿي ويندو آهي، جڏهن تہ ٻئي قسم ۾ دماغ کي رت فراهم ڪندڙ شريان ڦاٽي پوڻ جي نتيجي ۾ فالج ٿئي ٿو. سڄي دنيا ۾ فالج جي علامتن متعلق آگاهي ڏيڻ لاءِ هڪ لفظ Fast (فاسٽ) جو استعمال ٿئي ٿو، جنھن ۾ F مان مراد چھرو يا منھن آهي. فالج جي حملي جي صورت ۾ اوچتو منھن جي بيھڪ/ساخت ۾ تبديلي اچڻ لڳي ٿي يا سڄو چھرو هڪ طرف لڙڪي پوي ٿو. A مان مراد آرم (ٻانھن) آهي، ٻانھن ۾ ڪمزوري، ايتريقدر ٻانھن مان طاقت بلڪل ختم ٿي وئي هجي. S مان مراد اسپيچ (ڳالھہ ٻولھہ) يعني ڳالهائڻ ۾ دشواري،لفظن ۽ جملن جي ادائگيءَ ۾ رنڊڪ محسوس ٿئي ٿي. T مان مراد ٽائيم (وقت) آهي، جنھن جو مطلب فالج جي حملي کان پوءِ وقت ضايع ڪرڻ کانسواءِ فوري طبي امداد حاصل ڪرڻ آهي. فالج جو اثر طويل توڙي مختصر مدت لاءِ ٿي سگهي ٿو، جنھن جو آڌار ان ڳالھہ تي آهي تہ دماغ جو ڪھڙو حصو فالج سان متاثر ٿيو ۽ ان جو علاج ڪيترو جلدي شروع ڪيو ويو. عام طور تي فالج جي حملي کان بچڻ جي باوجود مريض سڄي عمر مختلف طبي مسئلن کي منھن ڏين ٿا، جن ۾ گهمڻ ڦرڻ يا ڳالهائڻ ۾ معذوري جي شرح وڌيڪ آهي. ڪن حادثن ۾ سوچڻ سمجهڻ جي صلاحيت ۽ احساس بہ متاثر ٿين ٿا. فالج جي بنيادي سببن ۾ رت جي نالين جو سڪڙجي وڃڻ، تماڪ واپرائڻ، غير متوازن غذا جو استعمال، هاءِ بلڊپريشر ، نشو ڪرڻ، دل جي ڌڙڪي ۾ بي ترتيبي، اضافي چرٻي جو وڌي وڃڻ، ٿولھہ، ذهني ۽ نفسياتي بيماريون، دٻاءَ يا موروثي بيماريون وغيرہ شامل آهن. ڪجهہ حادثن ۾ ماحولياتي تبديليون پڻ فالج جو ڪارڻ بڻجن ٿيون، جيئن 2019ع ۾ ڪووڊ-19 جي ڦهلاءُ سبب بہ فالج جا ڪيس وڌيا هئا. ورلڊ اسٽروڪ آرگنائيزيشن پاران جاري ڪيل ڳڻپ مطابق هر سال سڄي دنيا ۾ 13 ملين کان وڌيڪ ماڻهو فالج کان متاثر ٿين ٿا، جن مان لڳ ڀڳ ساڍا پنج ملين موت جو کاڄ بڻجي وڃن ٿا. درمياني ۽ گهٽ آمدني وارن ملڪن ۾ فالج جي شرح وڌيڪ آهي. پاڪستان، آباديءَ جي لحاظ کان ڇھين نمبر تي آهي، جنھن مان لڳ ڀڳ پنج سيڪڙو آبادي فالج سان گڏ زندگي گذاري رهي آهي، جنھن مان بہ وچولي عمر جي نوجوانن ۽ عورتن جي شرح وڌيڪ آهي. سنڌ جي مختلف اسپتالن ۾ تازو فالج کان بچاءُ لاءِ جدا شعبا قائم ڪيا ويا آهن.