فتاح ملڪ

فتاح ملڪ

فتاح ملڪ

فتاح ملڪ (اديب ۽ شاعر): فتاح ملڪ 03 مارچ 1939ع تي پني عاقل، ضلعي سکر ۾ غلام قادر ملڪ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن بي. اي 1961ع ۾ اسلاميہ ڪاليج سکر مان ۽ ايل.ايل.بي 1963ع ۾ حـيدرآباد لا ڪاليج مان پاس ڪئي. هو 1964ع کان سکر ۾ وڪالت ڪرڻ لڳو. ان دوران ون يونٽ خلاف تحريڪ شروع ٿي تہ هن بہ ان ۾ حصو ورتو. هو اسڪول جي زماني کان ئي شاعري ڪندو هو. هن شاعريءَ کان سواءِ ڪالم ۽ ڪھاڻيون پڻ لکيون آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ’ڪنول پاڙون پاتال ۾‘ ۽ ’اسان اَوَنگ چاڙهيا‘ (شاعري)، ’ڀينر هن ڀنڀور ۾‘ (ڪالم)، ’جيڪي ياد پيوم‘ (يادگيريون) قابلِ ذڪر آهن. فتاح ملڪ ڪجهہ وقت سنڌ جو ايڊووڪيٽ جنرل پڻ رهيو. کيس علمي ادبي پورهئي ۽ سماجي خدمتن عيوض صدارتي ايوارڊ پڻ مليو. فتاح ملڪ 12 آگسٽ 2025ع تي وفات ڪئي


لفظ فتاح ملڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1939.03.03  عيسوي

فتاح ملڪ 03 مارچ 1939ع تي پني عاقل، ضلعي سکر ۾ غلام قادر ملڪ جي گهر ۾ پيدا ٿيو.


2025.08.12  عيسوي

فتاح ملڪ 12 آگسٽ 2025ع تي وفات ڪئي



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پرويز علي محمد
شيرين فيروز نانا
علي قلي بيگ مرزا
جئسنگهاڻي شيام
ڊاڪٽر عبدالغفورسنڌي ميمڻ
پنھل ڏهر
ڪمال ڄامڙو ڊاڪٽر
عبدالڪريم ٻگهيوحاجي
حبيب ﷲ مرزا ڊاڪٽر
غلام رضا بيگ مرزا
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون