
فتح باغ
فتح باغ (ماڳ): ضلعي ٽنڊي محمد خان، تعلقي ٽنڊي غلام حيدر جو هڪ قديم تاريخي ماڳ آهي، ماتلي شھر کان اٽڪل پوڻن ٻن ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي، ڦليليءَ جي ساڄي ڪپ کان ’مبارڪ واھہ‘ نڪري ٿو، جنھن کي عام طرح ’ريڻ‘ پڻ چوندا آهن. ’ريڻ واھہ‘ دراصل سنڌو درياھہ جي اها مشھور ڇاڙ هئي، جنھن جو ذڪر گهڻن تاريخي ڪتابن ۾ آيل آهي. انهيءَ ڇاڙ جي ڦٽي وڃڻ ڪري، اڄ بہ جتان جتان، انهيءَ ڦِٽل واھہ جا نشان موجود آهن، تن کي ’ڦٽو‘ چيو ويندو آهي. مبارڪ واھہ گهڻين جاين تان انهيءَ قديم ڦٽي يا ريڻ واھہ جو پيٽ وٺي وهي ٿو، ان ڪري هن کي ريڻ ڪوٺيو وڃي ٿو. مبارڪ واھہ جي الھندي ڪپ کان ڏکڻ طرف اٽڪل ڏھہ ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي ميرن جا زبون حال قبا موجود آهن. جن جي ڀرسان ’فتح باغ‘ جا کنڊر موجود آهن، جيڪي هن وقت بہ اٽڪل هڪ ڪلوميٽر جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهن. آسپاس ۾ هيٺاهين زمين آهي. هڪ ڊٺل مسجد پڻ موجود آهي، جنھن جي فقط هڪ ڪمان اڃا اُڀي بيٺل آهي. ڪمان ۾ سرون سنھيون ڪم آندل آهن، جي نھايت سھڻي نموني گهڙي لسيون ڪري پوءِ جڙيون ويون آهن. روايت موجب اها مسجد همايون بادشاھہ پاران جوڙائي وئي هئي. مسجد جي ويڪر هڪ سئو فوٽ ۽ ڊيگهہ اڍائي سئو فوٽ آهي. اڱڻ جي وچ ۾ وضوءَ لاءِ هڪ تلاءُ بہ هو، ’فتح باغ‘ نھايت خوبصورت شھر هوندو هو، جيڪو ڏيھان ڏيھه مشھور هو. هتي فتح باغ جي الھندي طرف واري ڍنڍ جي پيٽ ۾ هڪ ڊٺل جاءِ جا بنياد موجود آهن. جنھن لاءِ چيو وڃي ٿو تہ اها جاءِ اڪبر بادشاھہ جي خاص وزير بيربل (ويرمل) جو جنم هنڌ آهي. هي شھر باغن سبب مشھور هو ۽ هتي جي ميون جي ايتري تہ مشھوري هئي جو عام طرح چوڻي هئي تہ:
نرت نـورائـي، نـار نـصـرپـور، ڦـر ’فتح باغ‘،
گهمي ڏسجي ’جوڻ‘ جت آهي ڪپھه جو واپار.
1780ع ۾ فتح باغ ۽ جوڻ جا شھر ميان عبدالنبي ڪلهوڙي جي وقت ۾، مدد خان پٺاڻ باهيون ڏياري ساڙائي ڇڏيا هئا ۽ ٻنهي شھرن جي دولت ڦري لٽي انهن کي ناس ڪري ڇڏيو. فتح باغ گهڻو آڳاٽو آهي، پر سڀ کان اڳ مرزا عيسى ترخان جي ڏينھن ۾ هن شھر جي باري ۾ معلومات ملي ٿي، جنھن ۾ ٻن شھيدن علاؤالدين (آرا الدين) ۽ ’جوهر الدين‘ جيڪي اسماعيلي سيد هئا، تن جي شھيد ٿيڻ جي احوال ۾ آيو آهي. آئين اڪبري ۽ ٻين تاريخي ڪتابن ۾ بہ فتح باغ جو ذڪر ٿيل آهي.
دهليءَ جو تخت سنڀالڻ کان پوءِ اڪبر بادشاھہ هر سال، فتح باغ جا انب اُٺن تي لڏائي، دهلي گهرائيندو هو، جيڪي ماکيءَ ذريعي محفوظ ڪرائي، سڄو سال پيو استعمال ڪندو هو. سال 998ھہ/1589ع ۾ جڏهن اڪبر بادشاھہ جي حڪم سان خان خانان سنڌ تي حملو ڪري جاني بيگ سان وڙهڻ لاءِ پئي آيو، تڏهن هن پنھنجو لشڪر ٽن حصن ۾ ورهايو، جن مان لشڪر جو هڪ حصو فتح باغ طرف بہ موڪليو هو. 1000 ھہ (1591ع) ۾ خان خانان ۽ مرزا جاني بيگ جي وچ ۾ صلح ٿيو ۽ ٻئي فتح باغ ۾ اچي مليا هئا، جتان شھنشاھہ اڪبر ڏانھن روانا ٿيا. تاريخي حوالن مان پتو پوي ٿو تہ هن شھر جو خاتمو مدد خان پٺاڻ 1780ع ۾ ڪيو. هن جي ڏکڻ ۽ ڏکڻ- اوڀر ۾ ٻن فرلانگن جي فاصلي تي، ٽنڊي محمد خان جي ميرن جا ڪيترائي مقبرا آهن. ٽنڊي محمد خان جي باني مير محمد خان شاهواڻي ٽالپر (وفات 1227ھہ/1812ع) جو مقبرو بہ هتي فتح باغ موجود آهي، اُهو مقبرو 1221ھہ/1806ع ۾ مير محمد خان ٽالپر جي حياتيءَ ۾ تعمير ٿيو. هن وقت اِن مقبري جي بحاليءَ تي ڪم هلي رهيو آهي.