
فتح خان جي ڪچهري
فتح خان جي ڪچهري: سنڌ ۾ جديد ٽيڪنالاجيءَ جا اڃا بنياد نہ پيا هئا، ماڻهن جي وندر ورونھن ۽ خير خبر، ڏيھي پرڏيھي حالتن کان واقف ٿيڻ جو اهم ذريعو ’ريڊيو‘ ئي هو. ان دؤر ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ماڻهن ۾ شعوري جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ 3 آڪٽوبر 1959ع تي، ’ڳوٺاڻي ڪچھريءَ‘ جي نالي سان پروگرام جو هڪ سلسلو شروع ڪيو، جنھن ۾ سيد صالح محمد شاھہ، ’فتح خان‘ جي نالي سان ڪردار ادا ڪيو، جنھن ڪردار کيس وڏي شھرت بخشي. ڪجهہ مھينن کان پوءِ 20 جولاءِ 1960ع تي ان پروگرام جو نالو بدلائي ’جمهور جو آواز‘ رکيو ويو، پر هي پروگرام سڄيءَ سنڌ ۾ ’فتح خان جي ڪچھري‘ جي نالي سان مشھور ٿي چُڪو هو. هن پروگرام ۾ صالح محمد شاھہ شروع کان وٺي پنھنجو اصل آواز بدلائي، ٻھراڙيءَ جي هڪ جُهور پوڙهي جي ڪردار کي ’فتح خان‘ جي روپ ۾ پيش ڪندو رهيو، جنھن کي هر طبقي جي ماڻهن بيحد پسند ڪيو. هن پروگرام کي ڪارائتو بنائڻ لاءِ ان ۾ موسيقي، ڳجهارتن، بيتن، لوڪ ڏاهپ، ڪافين، شاھہ لطيف جي شاعريءَ، مذهبي واقعن، قصن، زراعت، تعليم، صحت ۽ ادب وغيرہ جا موضوع شامل ڪيا ويا، جنھنڪري هي پروگرام ريڊيو جي تاريخ جو يادگار پروگرام بڻجي ويو. سيد صالح محمد شاھہ جو تعلق نج ٻھراڙيءَ سان هو. کيس ٻھراڙيءَ جي ماحول، ريتن رسمن ۽ رهڻي ڪھڻيءَ جي سٺي ڄاڻ هئي. ان ڪري سندس پروگرام ۾ ڳوٺاڻن جي ڪچھريءَ جا سچا عڪس هوندا هئا. نج سنڌي ٻولي، جملن جي دلچسپ جوڙجڪ، پڪي پختي زبان، وسيع معلومات، ٺيٺ عوامي لھجي، محاورن، پھاڪن ۽ اصطلاحن جي وسيع ڄاڻ ڏيڻ ڪري هيءُ پروگرام تمام گهڻو مقبول ويو ۽ لڳاتار 40 سالن تائين هن پروگرام سنڌ جي ٻھراڙين تي پنھنجي ڇاپ ڇڏي. سيد صالح محمد شاھہ جي وفات (پھرين سيپٽمبر 2007ع) کان پوءِ هاڻي هن پروگرام جو نالو ’فتح خان جي اوطاق‘ رکيو ويو آهي.