فتح علي جتوئي

فتح علي جتوئي : مـولانـا فتـح عـلـي جتـوئـي وڏو عـالــم ۽ پنھنجي وقت جو سرگرم سياسي ورڪر هو. سندس والد خير محمد جتوئي هو. هن 1868ع ڌاري ڳوٺ شاھہ يقيق تعلقي شاهبندر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم پنھنجي ناني علامہ حاجي عبدالله جتوئيءَ کان حاصل ڪيائين ۽ پوءِ مولانا عبدالرحيم ٺٽويءَ جي مدرسي ۾ پڙهيو. فارغ التحصيل ٿيڻ بعد درس ۽ تدريس جو ڪم ڪرڻ لڳو. فتويٰ نويسي ۽ قوت فيصلي جي ڪري هو لاڙپٽ ۾ گهڻو مشھور ٿيو ۽ سڄي عمر فيصلا ڪرڻ ۾ گذاريائين، کيس حج جي سعادت بہ نصيب ٿي، هن ’خلافت تحريڪ‘ ۽ ’ريشمي رومال تحريڪ‘ ۾ ڀرپور حصو ورتو. عالمن سان گڏ لاتعداد جلسن کي خطاب ڪيائين. مولانا صاحب ضلعي ڪراچيءَ لاءِ جميعت علماءِ جو صدر مقرر ٿيو ۽ ’ترڪ موالات‘ تحريڪ وقت اسلامي عدالت، تعلقي شاهبندر جو جج مقرر ٿيو، جنهنڪري مولانا صاحب ۽ سندس ساٿين خلاف باقاعدي خفيہ فائيل رکيو ويو. مولانا صاحب 1943ع ڌاري فيصلي جي انڪار ڪندڙن لاءِ نيڪاليءَ جي فتوا جاري ڪئي. مولانا پڪو عاشق ۽ اهل سنت جو وڏو عالم هو. هن 1959ع ڌاري وفات ڪئي، کيس ديھہ لکيءَ ۾ جتوئين جي ڳوٺ ڀرسان قبرستان ۾ دفنايو ويو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1868.00.00  عيسوي

مـولانـا فتـح عـلـي جتـوئـي 1868ع ڌاري ڳوٺ شاهه يقيق تعلقي شاهبندر ۾ جنم ورتو .


1959.00.00  عيسوي

مـولانـا فتـح عـلـي جتـوئـي 1959ع ڌاري وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جاوتري
ميرڪ عبدالرحمان ٺٽوي
راجسٿاني عبدالهادي
سنڌي ٻوليءَ تي تحقيق ڪندڙ عالم ۽ محقق
قاضي آصف پروفيسر
سائينداد ڪلمتي
سيما ابڙو ڊاڪٽر
پير هدايت ﷲ ٺُلاهي
حامد شاھہ فقير
ارباب فيض محمد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون