ڊاڪٽر فتح محمد برفت

ڊاڪٽر فتح محمد برفت

فتح محمد برفت پروفيسر ڊاڪٽر

فتح محمد برفت، پروفيسر، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر فتح محمد ولد قادر بخش برفت 18 فيبروري 1957ع تي ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو. هن ايم. اي سماجيات (سوشيالاجي) جي شعبي ۾ ۽ پي. ايڇ. ڊي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان 1988ع ۾ ڪئي. هو 1983ع ڌاري سوشل ويلفيئر کاتي ۾، سوشل ويلفيئر آفيسر مقرر ٿيو. 1988ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سوشيالاجي شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. 1996ع ۾ کيس شاھہ لطيف چيئر جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. 2002ع ۾ سوشيالاجي ڊپارٽمينٽ جي پروفيسر ۽ چيئرمين جي عھدي تي رهيو. 2007ع ۾ گرين وچ يونيورسٽي، ڪراچيءَ جي سوشل سائنس فئڪلٽي جو ڊين مقرر ٿيو. 2014ع کان 2017ع تائين ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ اسٽوڊنٽس گائيڊينس، ڪاؤنسلنگ، پليسمينٽ اينڊ اوورسيز ايگزامينيشن بيورو جي ڊائريڪٽر طور خدمتون سرانجام ڏنائين. ساڳئي سال 2014ع ۾ کيس ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ڪرمنالاجي شعبي جو باني چيئرمين مقرر ڪيو ويو. جڏهن تہ 2017ع کان 2020ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر پڻ رهيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1957.02.18  عيسوي

ڊاڪٽر فتح محمد ولد قادر بخش برفت 18 فيبروري 1957ع تي ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صوفي لعل بخش ڪانڌڙو
سھائي ابڙو
راءِ سنگهہ
ڀڳت ڪنور رام
بينا مسرور
انور حسين صديقي
سيد صالح شاھہ نئنگ وارو
محمد احمد شاھ
حڪيم خدا بخش خان ڌاريجو
قبول ابڙو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون