
ڏيڌڙو فتح محمد خان
فتح محمد خان ڏيڌڙو : ٿري مارواڙي لوڪ گيتن جو مشھور راڳي، فتح محمد خان 1937ع ۾ تعلقي ڇاڇري جي ڳوٺ مٺڙيي ڪيلهڻ ٺَڪُر ۾ ڄائو، سندس والد جو نالو عظيم خان ڏيڌڙو آهي. راڄوڙو راٺوڙ ٺَڪُر کي موسيقي ورثي ۾ ملي. سندس خاندان ڪيتري ئي عرصي کان لوڪ موسيقيءَ جون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. فتح محمد جڏهن هوش سنڀاليو تہ گهر ۾ هارمونيم، ڪُماچ، سُرندي ۽ دُهل جون رياضتون ڏٺائين ۽ راڳ روپ ۾ تربيت ورتائين. فتح محمد خان باقاعدي راڳ جي سکيا خانصاحب خير محمد جي گهراڻي جي شاگرد شادي فقير کان حاصل ڪري 1949ع کان ڳائڻ جي شروعات ڪئي. راج راڄواڙن ۽ تهوارن ۾ ڳائي داد حاصل ڪندو رهيو. فتح محمد استاد شادي فقير سان گڏجي سنڌ جي ڪيترن علائقن ۾ راڳ جون محفلون سجايون. ان کانسواءِ ’سنڌ راڳي ويلفيئر ايسوسيئيشن‘ جو نمائندو رهيو. شروعات ۾ فتح محمد پنھنجي ڀاءُ فضل محمد سان گڏجي محفلن ۾ لوڪ گيت ڳائيندو هو. فتح محمد ڏيڌڙي جا شاگرد نياز حسين، لونگ سوٽهڙ، سانوڻ ميگهواڙ، غلام قادر مڱڻهار پڻ راڳ رنگ جون محفلون ڪري خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن.