فتح محمد شهزاد ٿيٻو

فتح محمد شهزاد ٿيٻو

فتح محمد شھزاد ٿيٻو

فتح محمد شھزاد ٿيٻو: فتح محمد شھزاد ٿيٻي جو جنم ضلعي ٽنڊي الھيار، تعلقي چنبڙ جي ڳوٺ مير محمد ٿيٻي ۾ 1952ع ڌاري ٿيو. هن ايم. اي (سنڌي) تائين تعليم حاصل ڪئي. لکڻ پڙهڻ جي شروعات اردو ڊائجسٽ ۾ ڪھاڻيون لکڻ سان ڪيائين. ان کانسواءِ شاعري پڻ ڪيائين. صحافت سان بہ لاڳاپيل رهيو ۽ ’ولھار‘ نالي اخبار جاري ڪيائين. هن ولھار پبليڪيشن قائم ڪري پنھنجا 3 ڪتاب ’راڻي سندا رنگ‘، ’سنڌ جو سڳنڌ‘ ۽ ’دلبر منھنجي ديس جا‘ پڌرا ڪيا. هن پنھنجي مامي ڪامريڊ صديق ٿيٻي جي صحبت ۾ علم، ادب تاريخ ۾ گهڻو پرايو. تاريخ تي لکيل سندس ڪيترائي ڪتاب اڻ ڇپيل آهن. فتح محمد شھزاد وٽ قديم سڪن کانسواءِ تاريخي نوادرات جو پڻ وڏو ذخيرو موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو