
پروفيسر فتح الله صديقي
فتح ﷲ صديقي، پروفيسر: پروفيسر فتح ﷲ صديقي 1943ع ڌاري سيوهڻ، ضلعي ڄام شوري ۾ پيدا ٿيو. فتح ﷲ صديقي مئٽرڪ کان پوءِ، 1966ع ۾ سنڌي ٻارڙن لاءِ پھرين اخبار ’ٻارن جو خبر نامو‘ جاري ڪئي، سيوهڻ ۾ ’شھباز اڪيڊمي‘ قائم ڪيائين. ڪافي وقت تائين ڪتابي سلسلو ’گلشن سيريز‘ بہ هلائيندو رهيو. 2003ع ۾ نوڪريءَ تان رٽائرمينٽ کان پوءِ پاڻ سڄو ڌيان سنڌي انسائيڪلو پيڊيا تي ڏنو، جنھن جو پھريون جلد 2005ع ۾ تيار ڪري شايع ڪرايو. هن ڪُل پنج جلد تيار ڪيا، جن مان صرف هڪ جلد ڇپجي سگهيو آهي. هن ’عالمي معلومات‘ نالي ٻہ ڪتابچا سھيڙيا، جن مان هڪ 1969ع ۽ ٻيو 1970ع ۾ شايع ٿيو. سنڌ جي هن جاکوڙي انسان 16 فيبروري 2016ع تي سيوهڻ ۾ وفات ڪئي.