فدا حسين ’فدا‘ مڱڻهار

فدا حسين ’فدا‘ مڱڻهار

فدا حسين فدا مڱڻهار

فدا حسين ’فدا‘ مڱڻهار : فدا حسين مڱڻھار جو جنم 9 اپريل 1959ع تي عبدالڪريم مڱڻھار جي گهر دادلوءِ، تعلقي پني عاقل ۾ ٿيو. ڪيمسٽري ۾ ايم. ايس. سي ڪري هاءِ اسڪول ڀيلار ۾ ايڇ. ايس. ٽي مقرر ٿيو. 1992ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج گهوٽڪيءَ ۾ اسلامڪ ڪلچر ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. اپريل 2019ع ۾ ريٽائر ڪيائين. سندس شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ’عشق ٿيو استاد‘ ۽ سندس ٻہ تحقيقي ڪتاب ’دادلوءِ تاريخ جي آئيني ۾‘ 2015ع، ’پنو عاقل هڪ اڀياس‘ 2019ع ۾ ۽ ’حيران هزارين مان نہ رڳو‘ 2021ع ۾ ڇپيل آهي. ان کان سواءِ ’مٺي مرسل جون چاليھه حديثون‘ (ترجمو: 2023ع) پڻ ڇپيل آهي. هن جي ذاتي لائبريري ۾ بر صغير جي برک ڪلاسيڪل راڳين جون ڪيسٽون موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو