فدا حسين ڏيرو

فدا حسين ڏيرو

فدا حسين ڏيرو

فدا حسين ڏيرو: مشھور سياستدان فدا حسين ولد محمد فقير ڏيرو 30 مارچ 1951ع تي ڳوٺ ملان مکڻ، تعلقي ٽنڊي آدم، ضلعي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو. هي ننڍو ئي هو ته سندس والد تڪرار ۾ قتل ٿي ويو، جنھن بعد سندس پرورش والده ڪئي. ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم ملان مکڻ، هالا ۽ ٽنڊي آدم مان حاصل ڪئي. ان کانپوءِ نيو علي ڳڙهه ڪاليج، ٽنڊي آدم مان گرئجوئيشن ڪئي. 1976ع ۾ ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران شاگرد يونين جو صدر پڻ رهيو. هن جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن ۾ شامل ٿي سياست جي شروعات ڪئي. ذوالفقار علي ڀٽي جي شھادت بعد پ پ پ ۾ شامل ٿيو ۽ ايم. آر. ڊي تحريڪ دوران 1983ع ۾ هڪ سال ۽ 1986ع ۾ ست مھينا سينٽرل جيل ۽ نارا جيل حيدرآباد ۾ قيد رهيو. پ پ پ ضلعي سانگهڙ جو انفارميشن سيڪريٽري، 1987ع ۾ صدر ۽ 1988ع ۾ پيپلز ورڪس پروگرام جو سانگهڙ لاءِ چيئرمين مقرر ٿيو. 1993ع واري اليڪشن ۾ اين. اي 181 سانگهڙ جي سيٽ تان ڪامياب ٿيو. 1995ع ۾ سينيٽر چونڊيو ويو. هن وقت پ پ پ جي سينئر اڳوان طور سرگرم آهي. سندس پٽ پارس ڏيرو 2024ع جي عام چونڊن ۾ پي ايس 43 سانگهڙ تان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1951.03.30  عيسوي

مشھور سياستدان فدا حسين ولد محمد فقير ڏيرو 30 مارچ 1951ع تي ڳوٺ ملان مکڻ، تعلقي ٽنڊي آدم، ضلعي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

قاسم رضا پيرزاده
ڀرت ڪمار ڍنگرا
ڏاهري رضا محمد
دلير رند سخي
فاروق ستار
حاتم ٽالپر ڊاڪٽر
جانش بهادر ۽ جان بيگ
عطر خان ڪلهوڙو
ڀوڄواڻي
افلاطون
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون