
فدا سرھيو
فدا سُرهيو: پروفيسر فدا احمد ولد آخوند حافظ محمد سرهيو 8 جون 1932ع تي، سعيد پور ٽڪر، ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ پيدا ٿيو. ڪجهہ عرصي کان پوءِ سندس والدين لڏي اچي ٽنڊي محمد خان شھر ۾ ويٺا. ايم اي (سنڌي ادب)، بي ايڊ، اديب فاضل ۽ ڊرائنگ ايليمينٽري جون ڊگريون حاصل ڪرڻ کان پوءِ، 1948ع ۾ پرائمري استاد، 1973ع ۾ ليڪچرر ۽ 1992ع ۾ پروفيسر جي حيثيت سان رٽائرڊ ٿيو. 1958ع کان 1961ع تائين ’بزم گلشن ادب‘ ۽ 1964ع ۾ ’ٻالڪ سنگت‘ سنڌ جو باني صدر رهيو. ’ادارہ سنڌي ادب‘ ٽنڊو محمد خان 1954ع ۾ قائم ٿيو تہ هي ان جو سيڪريٽري پڻ رهيو. اداري پاران سندس دور ۾ پبليڪيشن جو ڪم شروع ٿيو ۽ هڪ لائبريري بہ قائم ڪئي وئي. هن اداري طرفان ’مرڪز تعليم بالغان‘ قائم ڪرائي، ان ۾ درس ۽ تدريس جون خدمتون انجام ڏنائين. هن ادارہ سنڌي ادب طرفان 15 ڪتاب، ادارہ گلشن ادب طرفان ايڪيھه ڪتاب ۽ ٻالڪ پبليڪيشن ٽنڊي محمد خان طرفان ٻہ ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا. سندس مرتب ڪيل ڪتابن ۾: ’جواهرات‘ (افسانا)، ’ڪرڻا‘ (افسانا) ۽ ’عورت‘ (افسانا، مضمومن ۽ مقالا) شامل آهن. هن 22 جنوري 2024ع تي ٽنڊي محمد خان ۾ وفات ڪئي.
1932.06.08 عيسوي
پروفيسر فدا احمد ولد آخوند حافظ محمد سرهيو 8 جون 1932ع تي، سعيد پور ٽڪر، ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ پيدا ٿيو.