فراسيون

فراسيون

فراسيون

فراسيون (هنر): سنڌ جي هٿ جي هنرن ۾ ’فراسي‘ بہ هڪ اهم ثقافتي پٿراڻي آهي. سنڌ جون فراسيون سھڻي اڻت، رنگن ۽ مضبوطيءَ جي لحاظ کان مشھور رهيون آهن. پنھنجي بيھڪ ۽ خوبصورت اڻت جي ڪري، ايراني غاليچن کان بہ وڌيڪ وڻندڙ آھن. فراسي ٺاھڻ جو ڪم گهڻو ڪري عورتون ڪنديون آھن. مرد فقط ٻاھران اُن، سٽ، رنگ ۽ ٻيون شيون آڻي ڏيندا آھن. سامان گڏ ڪرڻ کان پوءِ، عورتون فراسي آڏاڻي تي چاڙھينديون آھن. آڏاڻو ڪاٺ جي گهوڙي جهڙو ٿيندو آھي. ٻہ رسيون تاڃِي ڪڍڻ لاءِ تاڃِيءَ جي وريل سٽ جون تندون ھڪ پاسي ھڪڙي ايس ۾ ٻئي پاسي ٻي ايس ۾ ملائيندا آھن. تاڃيءَ مٿان گهوڙي رکي، گهوڙيءَ تي ٻہ ڪاٺيون رکي، ھر ھڪ ٻلياڻي جي سامھون چار ڪاٺين ۾ سنھڙيون رسيون ٻڌي، تاڃيءَ جي مٿان ٻن بانسن جي ڊگهين ڪاٺين کي چئن فوٽن تي ملائبو آھي. انھن چئني ڪاٺين کي ’مڪڙيون‘ چئبو آھي. ڪاٺ جي ٻن ڊگهين لٺين کي ’دنو‘ چون، جن ۾ تاڃيءَ جون تندون نمبر وار ڌاڳن مان مٽائبيون آھن، جيئن مڪڙي ڇڪڻ وقت تاڃيءَ جون تندون ھيٺ مٿي ٿيڻ سان پيٽو ۽ ڇٽ سولي ٿئي. انھيءَ نموني ڇٽ اڻبا آھن ۽ پيٽو تيار ٿيندو آھي. پيٽي ۾ سُٽ جي موڙي، جنھن کي ’گوندلي‘ چئبو آھي، اها لنگهائبي آھي. ان کي ’پيزع/پيزگ بہ چئبو آهي‘ جنھن سان ڀچائبو تہ تاڃيءَ پيٽو ھڪ ٿي ويندو آهي. ’پيزع‘ ۾ ھٿ وارو ھٿيو ڪاٺ جو ۽ ڏندا لوھہ جا ھوندا آھن. فراسي جي ماپ برابر رکڻ جي لاءِ آڱر جهڙي لسي ٻن چھنبن واري ڪاٺي، جنھن کي ’پاران گش‘ چئبو آهي، اها ڏندن ۾ ڪابو ڪئي ويندي آهي. جيئن جيئن اوڄو اڳتي وڌندو ويندو آهي، تيئن تيئن ’پاران گش‘ کي بہ اڳتي وڌائبو آهي. فراسي ڊيگهہ ۾ 6 کان 7 فوٽ ۽ ويڪر ۾ 4 فوٽ ٿيندي آھي، جيڪا ھڪ کٽ لاءِ پوري هوندي آھي. ڏاس مان ٺھيل فراسيءَ کي ’کرڙ‘ چئبو آهي. اُن ۽ سُٽ مان ٺھيل فراسيون اهميت واريون هونديون آهن. اڻت ۽ بڻاوت جي لحاظ کان فراسين جا نالا پڻ ڌار ڌار آھن. جھڙوڪ: عجب ڪوڍير، سمي پوت، گل مونَ، ميسيٺڙي ھرڻ، ٽڪرو، ڪولهو وغيرہ.
فراسيءَ جي تياريءَ ۾ رڱاوت جو مرحلو اهم هوندو آهي. آڳاٽي دور ۾ سڀ رنگ جڙي ٻوٽين ۽ وڻن مان هٿ سان تيار ڪيا ويندا هئا. رڱاوت کان پھرين سُٽ جي صفائي ۽ نفاست جي لاءِ چُن جي ضرورت پوندي هئي، جيڪو خاص پٿرن کي ننڍي بٺيءَ ۾ باھہ ڏئي گرم ڪري حاصل ڪيو ويندو هو. رنگ ڏيڻ کان پھرين ان جي سٽ کي چُن جي پاڻي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڏينھن پسايو ويندو هو/آهي. ٽن ڏينھن کان پوءِ چُن جي پاڻي مان ڪڍي ڌڪي / ڦرهيءَ سان ڪٽي صاف پاڻي سان ڌوئي سُڪائبو آهي. سڪڻ سان سٽ نرم ۽ صاف رنگ ڏيڻ جي لائق بڻبو آهي. پوءِ جيڪو رنگ ڏيڻو هوندو آهي، اهو رنگ ڏنو ويندو آهي.
ڪاري رنگ ڏيڻ جي لاءِ پھرين ٻٻر جي پنن ’ٻوري‘ کي ڪاڙهي، پوءِ ان ۾ ‘هراڪس‘ ملائبو آهي. ’هراڪس‘ ملائڻ کان پوءِ سٽ وجهبو تہ ڪارو ٿي پوندو آهي، جنھن کي ’ڪٽ‘ چئبو آهي. ڪٽ کي ڦٽڪيءَ واري پاڻيءَ ۾ ڌوئي سڪائبو آهي تہ رنگ چٽو بيھندو آهي. ڳاڙهي رنگ ڏيڻ جي لاءِ پھرين سٽ کي چُن واري پاڻي واري مرحلي کان پوءِ هڪ ڏينھن لسيءَ واري پاڻي ۾ وجهبو آهي. لسي مان ڪڍڻ کان پوءِ سڪائي رکبو آهي ۽ لاک تيار ڪبي آهي. لاک کي ڪٽي جدا ڪنھن ٿانوَ ۾ ڌوئي ڳاڙهو پاڻي ڌار ڪري رکبو آهي ۽ باقي بچيل ڄئو کي هاري ڇڏبو آهي. لاک جي ڳاڙهي پاڻي ۾ ٻاجهر جو ڏريل ڏارو رڌي ٽي ڏينھن رکي ڇڏبو آهي. جڏهن ان ۾ ڦُلي ڏسڻ ۾ ايندي آهي، تڏهن سٽ کي ان ۾ وجهي، روزانو اُٿلائبو آهي. جيئن رنگ پوري ريت سٽ کي رنگي. ستن يا اٺن ڏينھن کان پوءِ ڪڍي سٽ ڌوئي سُڪائي، ضرورت آهر مڃٺ وجهي پاڻي ۾ ڪاڙهبو آهي تہ سُٽ صاف ڳاڙهو ۽ چمڪدار ٿيندو آهي. هيڊي رنگ جي لاءِ چُن واري مرحلي مان گذاري ’ڪيسو ڦل‘ ۾ ڪاڙهبو آهي. پوءِ لياري رنگ ملائبو آهي. سائي رنگ جي لاءِ چُن واري مرحلي کان پوءِ ’ڦاڙ‘ نالي جهنگلي ٻوٽي ۾ ڪاڙهبو آهي، ان کان پوءِ سائو رنگ ڏنو ويندو آهي. آسماني رنگ جي لاءِ نير جون ٽڪيون وڌيون وينديون آهن. فراسي تيار ٿيڻ کان پوءِ اوڄي کان چار انچ کن ڇڏي تندون وڍيون وينديون آهن. انھن تندن سان منھن بند ڪرڻ کي ’هران ڪلي‘ چئبو آهي. ڏند واريون ليلون جدا ٻڌي منجهس ٽؤنر وڌا ويندا آهن يا لسي نموني بند ڪيو ويندو آهي، جنھن کي ’مٺيون‘ چئبو آهي.
کرڙي: ٻڪري جي ڏاس يا اُٺ جي مِلس مان ٺاهي ويندي آهي. ڏاس ۽ مِلس کي پھرين سَٽي صاف ڪري، اُن مان ڌاڳو تيار ڪرڻ جي لاءِ ڪتبو يعني وٽبو آهي. تيار ٿيندڙ ڌاڳي کي ڪاريگر ويڙهي ’ڍيري‘ تيار ڪندا آهن. ٿر ۾ گهڻو ڪري ٻڪرين جي ڏاس استعمال ٿيندي آهي. ڪوهستان ۽ لاڙ واري پاسي ٻڪرين جي ڏاس، اُٺ جي مِلس يا رڍن جي اُنَ سان کرڙي فراسي تيار ڪئي ويندي آهي. ڪٿي ڪٿي اُن ۽ ڪپھه کي ارٽ ۽ بيراٽي تي ڪتي تيار ڪبو هو. ڪتڻ بعد تاڃي جي لاءِ سٽ کي وربو هو ۽ پيٽي جي لاءِ ڪچو استعمال ۾ آندو ويندو هو. سھڻي فراسي ڏيج طور بہ ڏني ويندي هئي/آهي.


لفظ فراسيونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو