فرزانه شاهين

فرزانه شاهين

فرزانہ شاهين

فرزانہ شاهين (ڪھاڻيڪار ۽ شاعرہ): فرزانہ شاهين، 28 نومبر 1966ع تي، سکر جي ھڪ علمي ادبي گهراڻي ۾ عبدالرشيد مڱڻيجي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد تعليمي ماهر ۽ ايس. ڊي .او تعليم هو، ايم اي (جنرلزم) جي ڊگري شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان 1992ع ۾ حاصل ڪيائين. ايم. ايس سي ڪيمسٽريءَ ۾ پڻ ڪيائين. فرزانہ شاهين 1991ع ۾ استاد مقرر ٿي. هن خاص ڪري شاعري لکڻ جي شروعات 1987ع کان ڪئي. سندس لکڻيون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي چُڪيون آهن. کيس ’نئين زندگي‘ گولڊن جوبلي (1994ع) ۾ بھترين شاعريءَ تي ’سيد الھڏنو شاھہ‘ ايوارڊ مليو. فرزانہ شاهين جا ڇھه ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن: جن ۾ ’وجود جي ڳولا‘ (ڪھاڻيون)، ’نيڻ آسائتا‘ (شاعري 2015ع)، ’پھڻ پير پٿون ڪيا‘ (شاعري 2016ع)، ’نينھن جو نوحو‘ (شاعري 2017ع)، ’مٽي ماٿي لايان‘ (ڪھاڻيون 2018ع) ۽ ’مون ۾ آهين تون‘ (شاعري )2023 شامل آھن. هن وقت ڪراچيءَ جي هڪ ڪاليج ۾ پرنسيپل آهي.


لفظ فرزانہ شاهينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1966.11.28  عيسوي

فرزانه شاهين، 28 نومبر 1966ع تي، سکر جي ھڪ علمي ادبي گهراڻي ۾ عبدالرشيد مڱڻيجي جي گهر ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پروين شاڪر
عثمان فقير سانگي
چانڊيو نظام الدين
سليم ڳاڙهوي
خطائي ٿيٻو
علي آڪاش
انور ساگر ڪانڌڙو
سيد باغن شاھہ:
تيوڻو حفيظ
اسد قصہ خوان
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون