فرزانه شاهين

فرزانه شاهين

فرزانہ شاهين

فرزانہ شاهين (ڪھاڻيڪار ۽ شاعرہ): فرزانہ شاهين، 28 نومبر 1966ع تي، سکر جي ھڪ علمي ادبي گهراڻي ۾ عبدالرشيد مڱڻيجي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد تعليمي ماهر ۽ ايس. ڊي .او تعليم هو، ايم اي (جنرلزم) جي ڊگري شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان 1992ع ۾ حاصل ڪيائين. ايم. ايس سي ڪيمسٽريءَ ۾ پڻ ڪيائين. فرزانہ شاهين 1991ع ۾ استاد مقرر ٿي. هن خاص ڪري شاعري لکڻ جي شروعات 1987ع کان ڪئي. سندس لکڻيون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي چُڪيون آهن. کيس ’نئين زندگي‘ گولڊن جوبلي (1994ع) ۾ بھترين شاعريءَ تي ’سيد الھڏنو شاھہ‘ ايوارڊ مليو. فرزانہ شاهين جا ڇھه ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن: جن ۾ ’وجود جي ڳولا‘ (ڪھاڻيون)، ’نيڻ آسائتا‘ (شاعري 2015ع)، ’پھڻ پير پٿون ڪيا‘ (شاعري 2016ع)، ’نينھن جو نوحو‘ (شاعري 2017ع)، ’مٽي ماٿي لايان‘ (ڪھاڻيون 2018ع) ۽ ’مون ۾ آهين تون‘ (شاعري )2023 شامل آھن. هن وقت ڪراچيءَ جي هڪ ڪاليج ۾ پرنسيپل آهي.


لفظ فرزانہ شاهينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1966.11.28  عيسوي

فرزانه شاهين، 28 نومبر 1966ع تي، سکر جي ھڪ علمي ادبي گهراڻي ۾ عبدالرشيد مڱڻيجي جي گهر ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مجازي جروار
احسان رضا
شگفتہ شاھہ
جواد جعفري
بائرن
عراقي فخرالدين شيخ
محمد عثمان جمالي
شبنم موتي
بلوچ تاج
پرڀداس آوت رام ڪندناڻي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون