ڊاڪٽر فرمان فتحپوري

ڊاڪٽر فرمان فتحپوري

فرمان فتحپوري ڊاڪٽر

فرمان فتحپوري، ڊاڪٽر: فرمان فتحپوري اردوءَ جو ناميارو محقق، لساني ماهر، ليکڪ ۽ نقاد ٿي گذريو آهي. هن اتر پرديش جي فتح پور واري علائقي ۾ 26 جنوري 1926ع تي جنم ورتو. ننڍي هوندي ئي کيس والد جي وفات جو صدمو برداشت ڪرڻو پيو. هن مئٽرڪ فتح پور ۽ انٽر الھہ آباد مان حاصل ڪئي. 1950ع ۾ هن آگرا مان گريجوئيشن ڪئي. هي ان کان پوءِ پاڪستان لڏي آيا ۽ اچي ڪراچيءَ ۾ رهيا. هن ڪراچيءَ يونيورسٽيءَ مان ايل.ايل.بي ڪئي. 1965ع ۾ اردو ادب ۾ پي ايڇ.ڊي ڪيائين. پاڻ زندگيءَ جا 30 سال ڪراچي يونيورسٽيءَ سان وابستہ رهيو. 1985ع ۾ کيس اردو ڊڪشنري بورڊ جو چيف ايڊيٽر ۽ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. 1996ع ۾ سنڌ سول سروس بورڊ جي ميمبر طور پنھنجون خدمتون سرانجام ڏنائين. ان وقت ’نگار‘ اردوءَ جو مشھور ادبي ۽ علمي رسالو نڪرندو هو، جنھن جو کيس ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. اهو رسالو اردوءَ جي نامياري عالم، محقق ۽ ليکڪ نياز فتحپوريءَ جاري ڪيو هو. هن غالب ۽ اقبال جي شاعريءَ سميت لسانيات، تنقيد ۽ سوانح عمري سميت مختلف موضوعن تي 60 کان وڌيڪ ڪتاب لکيا. هن جي مشھور تصنيفن ۾ ’اردو رباعي‘، ’تدريس اردو‘، ’اردو ڪي منظوم داستان‘، ’تحقيق و تنقيد‘، ’قمر زماني بيگم‘، ’نيا اور پرانا ادب‘، ’نواب مرزا شوق ڪي مثنويان‘، ’زبان اور اردو زبان‘، ’اردو رسم الخط‘، ’اردو ڪي نعتيه شاعري‘، ’فن و تاريخ گوئي‘، ’اردو شعرا ڪي تذڪري اور تذڪره نگاري‘، ’مير انيس‘، ’حيات اور شاعري‘، ’غالب شاعر امروز و فردا‘، ’درياءِ عشق اور بحر محبت ڪا مطالعه‘،’ اردو افسانا اور افسانا نگاري‘، ’هندي اردو تنازعه‘ ۽ ’عورت اور فنون لطيفہ‘ ڪتاب شامل آهن. هو سنڌي لئنگيئج اٿارٽيءَ جي بورد آف گورنرس جو بہ ميمبر رهيو، کيس ادبي خدمتن عيوض 1985ع ۾ ستارہ امتياز سان پڻ نوازيو ويو. هن 3 آگسٽ 2013ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1926.01.26  عيسوي

فرمان فتحپوري اردوءَ جو ناميارو محقق، لساني ماهر، ليکڪ ۽ نقاد ٿي گذريو آهي. هن اتر پرديش جي فتح پور واري علائقي ۾ 26 جنوري 1926ع تي جنم ورتو.


2013.08.03  عيسوي

ڊاڪٽر فرمان فتحپوري 3 آگسٽ 2013ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جا پارکو شارح ۽ مترجم1
شامي سيد احمد خالد
ڄام توڳاچي
عبداللطيف تنيو ڊاڪٽر
محمد ابراهيم پنهور
ٽھل ايسرداس ڪيسواڻي
خدابخش فقير
صالح گوپانگ ڊاڪٽر
ابو اسحاق ابراهيم بن سنان
ڄام راول
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون