
فريئر ھال
فريئر ھال (عمارت): برطانوي طرز تعمير تي اڏيل ھيءَ عمارت سنڌ ۾ انگريزن جي حڪومت دوران سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ جي سول لائنز ڪوارٽر واري اھم علائقي جي وچ واري ميدان تي ٺھيل آھي. هيءَ عمارت 1865ع ڌاري جڙي راس ٿي. هن نوعيت جي هيءَ پھرين جديد گاٿ (Neo Gothic) يا عمومي طور ھندستاني گاٿ (Indo-Gothic) نموني سمجهي ويندڙ عمارت آھي. خاص ڪري انگريز سرڪار پاران، ھن عمارت جو بنياد مذھبي يا ڪليسائي استعمال بجاءِ، شھرين جي واھپي ۽ ٻين اھم سرڪاري ڪارگذارين لاءِ رکيو ويو. ھن عمارت جي بنيادي ڍانچي مقرر ڪرڻ لاءِ حڪومت طرفان وڏي پئماني تي ڪاوشون ورتيون ويون. فريئر ھال جي اڏاوت ۽ عمارت جون انتظامي ذميواريون ننڍي کنڊ ۾ قائم هڪ ڪمپنيءَ جي حوالي ڪيون ويون. اھڙيءَ ريت مؤثر حڪومت جي قيام، شھرين جي خدمت، ذميوارين ۽ ڪم ڪار جي طريقي جو تعين ڪرڻ جي خيال سان ھن عمارت کي شھري ڪمن جي استعمال ھيٺ آندو ويو. فريئر ھال جي تعمير جو ٻيو وڏو ۽ اھم سبب، سنڌ جي ان وقت جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر جي 1851ع کان وٺي 1859ع تائين، سنڌ ۾ ڪيل خدمتن جي مڃتا طور يادگار تعمير ڪرائڻ ھو. اھو ئي سبب آھي، جو برطانوي سرڪار پاران،ھن عمارت جو نالو سربارٽل فريئر جي نسبت سان ’فريئر ھال‘ رکيو ويو. ھن عمارت جي بناوٽ 1865ع ڌاري لنڊن ۾ قائم جارج گلبرٽ اسڪاٽ جي تيار ڪيل سينٽ پپنڪراز اسٽيشن ۽ ھوٽل سان گهڻي قدر ھم آھنگ آھي. جنوري 1867ع ۾ پنھنجي نالي سان منسوب عمارت جي ھال ۾، ان وقت جي ممبئيءَ جي قائم مقام گورنر ۽ سنڌ جي اڳوڻي ڪمشنر سربارٽل فريئر جي صدارت ۾ پھرين عام درٻار منعقد ڪئي وئي.
فريئر ھال جو تعميراتي ڪم مڪمل ٿيڻ بعد، عمارت جي ھيٺئين حصي (Ground floor) ۾ ڪراچيءَ جو پھريون عجائب گهر ۽ ھڪ ميونسپل لائبريري قائم ڪئي وئي، جنھن ۾ ڪتابن سان گڏ انگريزي توڙي ھندستاني اخبارون پڻ موجود ھونديون ھيون. ھن عمارت جي اڏاوت جي ابتدائي مرحلي لاءِ، گِذريءَ (Gizri)جي ويجهو ميداني علائقي مان ميٽائين/ ڦڪي رنگ جا پٿر ڪڍيا ويا. عمارت جي ڪالمن کي ڪنڊائتي ونگ (مخروطي) پٿر ۽ چُن جي تھدار ريتيلي پٿر جي گڏيل استعمال سان ونگائون ٺاھيو ويو. اھو پٿر ريل جي ذريعي ڪراچيءَ کان 97 ميلن جي مفاصلي تي موجود ٻولھاڙي واري علائقي مان آندو ويو هو. ان کانسواءِ عمارت ۾ ڪم آيل گهرو سليٽي ۽ ڳاڙھه سرو پٿر 53 ميلن جي مفاصلي تان جنگشاھي مان گهرايو ويو. عمارت جي ڇت، برطانوي عمارتن جي طرز جهڙي خيمي نما لھواري سطح ۽ اڀڪپري نموني جي آھي، جنھن تي مينھن جو پاڻي نٿو بيھي. فريئر ھال جي ڇت جو ڪجهہ حصو چيڪي مٽيءَ سان تيار ڪيل چوڪن ۽ گهڻو حصو برطانيا مان برآمد ڪيل لھرن واري لوھي چادر سان ڍڪيو ويو. عمارت ۾ تعمير ڪيل اٺ ڪنڊي برج ۽ ان جي مٿان نصب ٿيل نيل لاءِ مشھور مرڪب ڌاتو (Munt’s Metal) ڪتب آندو ويو. فريئر ھال جي وسيع ورانڊي کي تيز سج جي روشنيءَ کان بچائڻ لاءِ ھال جي چؤڌاري ونگائين لنگهہ سان تيار ڪيو ويو. عمارت جي خوبصورتيءَ کي نظر ۾ رکندي عمارت جي ڀرسان ميداني علائقي تي 15 ايڪڙن تي ٿوھر ۽ ٻيا وڻ ٻوٽا پوکيا ويا. 1865ع ۾ ھن عمارت جي تعميراتي ڪم ۾ ڪل ھڪ لک اسي ھزار (180000) رقم خرچ آئي، جيڪا ان وقت جي لحاظ کان وڏي لاڳت آهي. ھن عمارت تي ڪل خرچ ٿيل رقم مان هڪ لک ستيتاليھہ هزار (147000) روپيا ان وقت جي نئين قائم ٿيل ميونسپل طرفان ڏنا ويا، ڏھه ھزار سرڪار ۽ باقي رقم مختلف چندن ذريعي حاصل ڪئي وئي هئي. ھن عمارت جو نقشو ڪرنل ھينري ڪليئر والگن جو ٺاھيل ھو. عمارت جي اڏاوت آگسٽ 1863ع ۾ شروع ٿي ۽ 1865ع جي آڪٽوبر مھيني ۾ ھن ھال کي عام ماڻهن لاءِ کوليو ويو. اڄ بہ ھيءَ عمارت ڪراچيءَ جي خاص ۽ اهم تاريخي عمارتن ۾ شامل آهي. انگريزن جي دؤر ۾ ھن عمارت جي باغ ۾ ملڪہ وڪٽوريه ۽ ستين ايڊورڊ جا مجسما يادگار طور نصب ٿيل ھئا. جن کي پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ مستقل طور تي ھٽايو ويو.