
ڊاڪٽر فريد الدين بقائي
فريد الدين بقائي، ڊاڪٽر: بقائي ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جو باني ڊاڪٽر فريد الدين بقائي 15 آڪٽوبر 1935ع تي دهليءَ ۾ ڄائو. هن جو پيءُ ٽي. بيءَ جي مرض وگهي گذاري ويو، پوءِ والدہ جي نگرانيءَ ۾ تعليم حاصل ڪيائين. ورهاڱي کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ آيو. پنھنجي عملي زندگيءَ جي شروعات پوسٽ آفيس جي سامھون ويھي خط لکڻ سان شروع ڪيائين. گڏوگڏ تعليم جو سلسلو بہ جاري رکي 1950ع ۾ ڪراچي بورڊ مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. 1958ع ۾ ڊاؤ ميڊيڪل ڪاليج مان ايم. بي. بي. ايس ڪري اعليٰ تعليم لاءِ لنڊن روانو ٿيو. اتان 1965ع ۾ ايف. آر. سي. ايس ڪري وطن موٽيو. 1967ع ۾ انٽرنيشنل ڪاليج آف سرجري شڪاگو مان ايف. آءِ. سي. ايس ڪيائين. 1976ع ۾ بقائي فائونڊيشن قائم ڪيائين. پنھنجي زال ڊاڪٽر زاهده بقائيءَ جي تعاون سان بقائي ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جو بنياد وڌائين. 1993ع ۾ ايف. سي. پي. ايس ڪيائين. 1997ع ۾ بقائي يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ۽ سرجريءَ جي شعبي جو چئرمئن مقرر ٿيو. هو 10 جولاءِ 2017ع تي گذاري ويو.
1935.10.15 عيسوي
ڊاڪٽر: بقائي ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جو باني ڊاڪٽر فريد الدين بقائي 15 آڪٽوبر 1935ع تي دهليءَ ۾ ڄائو.
2017.07.10 عيسوي
ڊاڪٽر فريد الدين بقائي 10 جولاءِ 2017ع تي گذاري ويو.