فشر مينز ڪوآپريٽيو سوسائٽي (FCS): هيءَ هڪ رجسٽرڊ سوسائٽي آهي. ملاحن جي فلاح ۽ بھبود لاءِ ٺاهيل ادارو آهي، جنھن جو بنياد 1945ع ۾ کڏي ڪراچيءَ ۾ رکيو ويو. سوسائٽيءَ جو پھريون چيئرمين محمود اي هارون هو. باني ميمبرن ۾ محمود اي هارون، محمد يعقوب ماڙيوالا، مولانا صادق کڏي وارو، سيٺ محمد حسين، حاجي ولد محمد ڄاموٽ، حاجي عمر ڄاموٽ، خالد بن علي، ديرڪ عيسيٰ حاجي محمد عمر ميڪ، وڏيرو قادر بخش، حاجي محمد يوسف ڪپائي ۽ حاجي يوسف ڪامني شامل هئا. سوسائٽيءَ جا معاملا 15 ڊائريڪٽرن جو ’بورڊ آف ڊائريڪٽرز‘ هلائيندو آهي، جنھن مان اٺ ڊائريڪٽر حڪومت نامزد ڪندي آهي ۽ ست ڊائريڪٽر سوسائٽيءَ جي ميمبرن مان چونڊبا آهن. حڪومت پاران مقرر ڪيل ڊائريڪٽرن مان چيئرمين ۽ ملاحن جي چونڊيل ستن ڊائريڪٽرن مان وائيس چيئرمين چونڊيو ويندو آهي. 1959ع ۾ فش هاربر جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ، جنھن جو افتتاح صدر ايوب خان ڪيو هو، 1959ع ۾ فشر مينز ڪو آپريٽو سوسائٽي جي حوالي ڪيو ويو. سوسائٽيءَ جي آفيس اڳي ۾ کڏي مارڪيٽ ۾ هوندي هئي، پر فش هاربر مڪمل ٿيڻ کان پوءِ سوسائٽيءَ جي آفيس کي فش هاربر ويسٽ هارف منتقل ڪيو ويو.1974ع ۾ سوسائٽيءَ کي سنڌ حڪومت جي حوالي ڪيو ويو، جا اڳ وفاقي حڪومت جي حوالي هئي. هن وقت ٽي فش هاربر آهن، جن جو انتظام سوسائٽيءَ جي حوالي آهي. فش هاربرز جي ليبر، صحت، صفائي، مرمت وارا معاملا سوسائٽي ۽ چينل جي صفائي ۽ ٻيا معاملا هاربر اٿارٽيءَ جي حوالي آهن. هيءَ ملاحن جي نالي ۾ ٺھيل سرڪار جي سڀ کان پراڻي رجسٽرڊ فعال تنظيم آهي. تنظيم جي ساليانه آمدني 20 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي