فضا غزل

فضا غزل: فضا غزل جو اصل نالو سيده فضا شاھہ آهي. هن 22 سيپٽمبر 1974ع تي، باجارا تعلقي سيوهڻ ۾، سيد غلام سرور شاھہ ڪاظميءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. هن سنڌي ادب ۾ ايم. اي ۽ ايم. ايڊ تائين تعليم حاصل ڪئي آهي. نوي واري ڏهاڪي ۾ هن ادب جي دنيا ۾ پير پاتو. سندس شروعاتي لکڻيون ٽه ماهي مھراڻ ۽ ٻين ڪيترن ئي رسالن ۾ ڇپيون. شاعريءَ کان سواءِ هن ڪھاڻيون بہ لکيون آهن. سندس شاعريءَ جو هڪ مجموعو ’چنڊ ۽ چاهتون‘ ادب پبليڪيشن پاران 2001ع ۾ ڇپجي چُڪو آهي، جنھن کي، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران سال جي بھترين ڪتاب جو ايوارڊ پڻ ملي چُڪو آهي. هُوءَ هن وقت گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول باجارن ۾ هيڊ مسٽريس آهي.


لفظ فضا غزلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1974.09.22  عيسوي

فضا غزل جو اصل نالو سيده فضا شاهه آهي. هن 22 سيپٽمبر 1974ع تي، باجارا تعلقي سيوهڻ ۾، سيد غلام سرور شاهه ڪاظميءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسدالله کهڙوي
ڀورو مل ڪولهي وڪيل
ڪملا ڪيسواڻي
پير محمد زمان شاھہ هاشمي
جت علي فقير
بکر شيدي
خيرو درس
بھادر شاھہ ظفر
پٺاڻ ممتاز حسين ڊاڪٽر
علي مراد ٽانوري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون