
فضل احمد بچاڻي
فضل احمد بچاڻي: نثر نويس ۽ مترجم فضل احمد بچاڻي، 11 اپريل 1934ع تي ٽنڊي الھيار شھر ۾ خانصاحب محمد ڇُٽل جي گهر ۾ ڄائو. جيتوڻيڪ هو تخليقڪار هو، پر سندس خاص سڃاڻپ مترجم جي حيثيت ۾ آهي. هن انگريزيءَ ۾ لکيل ڪيترن ئي ڪتابن جا سنڌي ترجما ڪيا. سندس ترجمو ڪيل ۽ لکيل ڪتابن ۾: (1) ’سپون‘ (خليل جبران جي چونڊ افسانن جو ترجمو: 1960ع)، (2) ’نازبو‘ (طبعزاد ڪھاڻين جو مجموعو: 1962ع)، (3) ’عاشي‘ (هينري رائڊر هيگرڊ جي ناول ‘She’ جو ترجمو: 1961ع)، (4) عجيب اسرار (مضمون ۽ مقالا)، (5). ’روح جي ڳولا‘ ‘Shadows in the Wall’ جو ترجمو)، (6) ’سڌارٿ‘ (هرمن جي ڪتاب ‘Sitharta’ جو ترجمو: 1982ع)، (7) ’سزا جا سک‘ (آسڪر وائلڊ جي خطن ‘Deprofundis’ جو ترجمو: 1983ع)، (8) ’آسيه، عاشي جي واپسي‘ (رائڊر هيگرڊ جي ناول ‘Aeshe-The Return of She’ جو ترجمو: 1983)، (9) ’تصوير جو خون‘ (آسڪر وائلڊ جي ناول ‘Picture Dorian Grey’ جو ترجمو: 1983ع)، (10) ’سورن سانڍياس‘ (وڪٽر جي ناول ‘Lemiserable’ جو ترجمو)، سزا جي بک (خطن ۽ مضمونن جو ترجمو)، (11) ’اڳي ايئن هياس‘ (يادگيريون: ٻہ حصا). ان کانسواءِ سندس ڪيترا ئي مضمون، مقالا ۽ ترجما مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. فضل احمد بچاڻيءَ 23 آگسٽ 1987ع تي وفات ڪئي.
1934.04.11 عيسوي
نثر نويس ۽ مترجم فضل احمد بچاڻي، 11 اپريل 1934ع تي ٽنڊي الھيار شھر ۾ خانصاحب محمد ڇُٽل جي گھر ۾ ڄائو.
1987.08.23 عيسوي
فضل احمد بچاڻيءَ 1987ع ۾ وفات ڪئي