فضل الرحمٰن شاھہ رضوي

فضل الرحمٰن شاھہ رضوي : فضل الرحمان شاھہ رضوي سيد هو ۽ سيد عنات شاھہ ۽ سيد حامد شاھہ جو همعمر هو. ميان نصير محمد ڪلهوڙي جو مريد ۽ بھادر سپاهي هو. ڳيريلي واري جنگ ۾ سندس ڪردار رهيو، ڇاڪاڻ تہ هو وڏي بهادريءَ سان مغليه لشڪر سان وڙهيو هو. روايتن ۾ اچي ٿو تہ شاھہ صاحب جي وفات جو وقت ويجهو آيو تہ پنھنجي قريبي ساٿين ۽ احبابن کي وصيت ڪيائين تہ کيس سيد حامد شاھہ شھيد جي قبرستان ۾ دفن ڪيو وڃي، قبر جي جاءِ اُتي اوهان کي نظر ايندي. سندس وفات کانپوءِ ماڻهو حامد شاھہ جي مُقام تي ويا تہ سيد حامد شاھہ جي قبر اوڀر جي طرف قبر جي برابر زمين ڦاٽل نظر آئي. شاھہ صاحب کي سندس وصيت جي مطابق اتي ئي دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو