فضل الرحمٰن ميمڻ

فضل الرحمٰن ميمڻ

فضل الرحمٰن ميمڻ

فضل الرحمٰن ميمڻ: سنڌيڪا اڪيڊمي جي پبلشر ۽ ليکڪ فضل الرحمٰن جو جنم 01 اپريل 1981ع تي نور احمد ميمڻ جي گهر پريالوءِ ۾ ٿيو. ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم پريالي، سنڌ مدرسة الاسلام، ڪراچي ۽ ايس ايم آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج مان حاصل ڪئي، جڏهن ته گريجوئيشن شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪئي. پاڻ، پنھنجي والد ۽ باني سنڌيڪا اڪيڊمي نور احمد ميمڻ سان گڏ اڪيڊمي جي ڪاروهنوار ۾ هٿ ونڊائي ٿو. سندس سھيڙيل ڪتاب ’چونڊ سنڌي لوڪ ڪھاڻيون‘ ۽ ’شاهه جو فڪر ۽ فلسفو‘ ڇپيل آهن. ان کانسواءِ ڪجهه ڪتاب ترجمو پڻ ڪيا اٿس. اخبارن ۽ رسالن ۾ وقت به وقت سندس ڪالم ۽ مضمون ڇپجندا رهن ٿا. کيس فن، ادب، ڪاشيءَ جي هنر ۽ ڊزائين، ڪمپيوٽر جي تعليم ۽ پبلشنگ سان دلچسپي آهي


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1981.04.01  عيسوي

سنڌيڪا اڪيڊمي جي پبلشر ۽ ليکڪ فضل الرحمٰن جو جنم 01 اپريل 1981ع تي نور احمد ميمڻ جي گهر پريالوءِ ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀرڪيو شيخ ڪاتيار
سردار احمد شاهه لڪياري
پنوشي
لالي ٻائي ميگهو مل سرتاڻي
ثمينه پيرزاده
بنده علي خان ٽالپر
چنا شبيران
زرينه قاضي ڊاڪٽر
در محمد اوستو
مير علي شير قانع ٺٽوي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون