فضل سليمان قاضي

فضل سليمان قاضي

فضل سليمان قاضي

فضل سليمان قاضي: اديب فضل سليمان قاضيءَ جو تعلقي موري، ضلعي نوشھري فيروز جي قاضي گهراڻي سان آھي. سندس جنم 24 نومبر 1938ع تي ٿيو. ايم. اي (پولٽيڪل) سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۽ ايل. ايل. بي سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان ڪيائين. يونيورسٽيءَ ۾ پڙھڻ دوران سنڌ يونيورسٽي اسٽوڊنٽس يونين جو جنرل سيڪريٽري ۽ سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو پھريون صدر رھيو. 1963ع کان 1967ع تائين وڪالت ڪيائين. 1975ع ۾ نيشنل بينڪ پاڪستان جو نائب صدر مقرر ٿيو. جتي ايريا مئنيجر، زونل هيڊ، ريجنل چيف ايگزيڪيٽو، چائنا ۾ چار سال نيشنل بينڪ جو نمائندو ۽ نيويارڪ نيشنل بينڪ جو جنرل مئنيجر رھيو. کيس خدمتن عيوض صدارتي ايوارڊ ۽ سونو ٻِلو ڏنو ويو. ھن اٽلي، لنڊن ۽ انگلينڊ ۾ بينڪاري جي تربيتي ڪورسن ۾ شرڪت ڪئي. سندس ڪيترائي مضمون ’ڊان‘، ’ڊيلي نيوز‘ ۽ ’پاڪستان اڪنامسٽ‘ ۾ ڇپيل آهن. 1975ع ۾ پي ٽي وي، ڪراچي تان سنڌي پروگرام ’واءُ سواءُ‘ جو ميزبان بہ رھيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’سنڌ ۽ سنڌي‘، ’صوبائي خودمختياري ۽ مرڪزي سياست‘، ’سنڌ ۽ پاڪستان جو رياستي نظام‘، ’آمريڪا جا عڪس ۽ اولڙا‘ (سفرنامو)، پاڪستان جي پرڏيھي پاليسي ( سنڌي)، `Law and Politics` 1976, `Hand Book of Banking Terms` 2004, `Discretionary Powers`2014, `Banks and Executive Leadership` 2018, `Incense and Echoes` 2018, `Rusting leaves of Sindh 2024، Pakistan State of Governance شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1938.11.24  عيسوي

اديب فضل سليمان قاضيءَ جو تعلقي موري، ضلعي نوشھري فيروز جي قاضي گهراڻي سان آھي. سندس جنم 24 نومبر 1938ع تي ٿيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حميد سنڌي
رسول بخش تميمي
زائر نظام
چنا سليم
عبدالحق عظيم
لڇمڻ ڀنڀاڻي
ريٽا شھاڻي
سدورو مل ايم راجپوت
پرل ايس بڪ
حبيب ﷲ مرزا ڊاڪٽر
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون