
فضل سليمان قاضي
فضل سليمان قاضي: اديب فضل سليمان قاضيءَ جو تعلقي موري، ضلعي نوشھري فيروز جي قاضي گهراڻي سان آھي. سندس جنم 24 نومبر 1938ع تي ٿيو. ايم. اي (پولٽيڪل) سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۽ ايل. ايل. بي سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان ڪيائين. يونيورسٽيءَ ۾ پڙھڻ دوران سنڌ يونيورسٽي اسٽوڊنٽس يونين جو جنرل سيڪريٽري ۽ سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو پھريون صدر رھيو. 1963ع کان 1967ع تائين وڪالت ڪيائين. 1975ع ۾ نيشنل بينڪ پاڪستان جو نائب صدر مقرر ٿيو. جتي ايريا مئنيجر، زونل هيڊ، ريجنل چيف ايگزيڪيٽو، چائنا ۾ چار سال نيشنل بينڪ جو نمائندو ۽ نيويارڪ نيشنل بينڪ جو جنرل مئنيجر رھيو. کيس خدمتن عيوض صدارتي ايوارڊ ۽ سونو ٻِلو ڏنو ويو. ھن اٽلي، لنڊن ۽ انگلينڊ ۾ بينڪاري جي تربيتي ڪورسن ۾ شرڪت ڪئي. سندس ڪيترائي مضمون ’ڊان‘، ’ڊيلي نيوز‘ ۽ ’پاڪستان اڪنامسٽ‘ ۾ ڇپيل آهن. 1975ع ۾ پي ٽي وي، ڪراچي تان سنڌي پروگرام ’واءُ سواءُ‘ جو ميزبان بہ رھيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’سنڌ ۽ سنڌي‘، ’صوبائي خودمختياري ۽ مرڪزي سياست‘، ’سنڌ ۽ پاڪستان جو رياستي نظام‘، ’آمريڪا جا عڪس ۽ اولڙا‘ (سفرنامو)، پاڪستان جي پرڏيھي پاليسي ( سنڌي)، `Law and Politics` 1976, `Hand Book of Banking Terms` 2004, `Discretionary Powers`2014, `Banks and Executive Leadership` 2018, `Incense and Echoes` 2018, `Rusting leaves of Sindh 2024، Pakistan State of Governance شامل آهن.
1938.11.24 عيسوي
اديب فضل سليمان قاضيءَ جو تعلقي موري، ضلعي نوشھري فيروز جي قاضي گهراڻي سان آھي. سندس جنم 24 نومبر 1938ع تي ٿيو.