
فقيرو ميگهواڙ
فقيرو ميگهواڙ: مجسمي ساز فقيري ميگهواڙ 7 آگسٽ 1979ع تي تعلقي ٽنڊي الھيار ۾ کيمچند ميگهواڙ جي گهر ۾ جنم ورتو. کيس مجسمي سازيءَ جو فن پنھنجن وڏڙن کان ورثي ۾ مليو. سندس والد ۽ ڏاڏو پڻ پنھنجي وقت جا نامور مجسمي ساز ٿي گذريا آهن. هن انٽر تائين تعليم حاصل ڪئي. سندس والد جي روڊ حادثي ۾ معذور ٿيڻ سبب هي وڌيڪ تعليم حاصل ڪري نہ سگهيو ۽ گهرو ذميدارين سبب پنھنجي خانداني فن سان جُڙي ويو. هن مجسمي سازيءَ جي سکيا پنھنجي والد کان ورتي ۽ 1990ع ڌاري باضابطه طور فن جي شروعات ڪيائين. محمد علي ٽالپر، فتاح هاليپوٽي ۽ حمزہ عباس هن فن ۾ همت افزائيءَ سان گڏ سندس وڌيڪ تربيت پڻ ڪئي. هن 2007ع ۾ حمره عباس سان گڏ ترڪيءَ جي شھر استنبول ۾ پڻ مجسمي سازيءَ جي فن ۾ ڪم ڪيو. هن جا ٺاهيل مجسما ڪراچي، سکر، جيڪب آباد، ننگرپارڪر، لسٻيلي، اٽڪ، خضدار، مستونگ ۽ نوشڪي سميت پاڪستان جي ٻين ڪيترن ئي شھرن ۾ مختلف جاين تي موجود آهن. ان کان سواءِ فقيري جا ٺاهيل مجسما نيپال جي گئلريءَ ۾ بہ شامل ٿي چڪا آهن. سندس فن پارن جي 2008ع ۾ ڪنٽونين گئلري ڪراچي، 2010ع ۾ سنڌ ميوزيم، حيدرآباد ۽ حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول ۾ نمائش پڻ ٿي چڪي آهي. کيس پنھنجي فن ۾ مڃتا طور ’امر وير لڌارام ايوارڊ‘، ’سنڌ يوٿ ايوارڊ‘ ۽ ’حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول ايوارڊ‘ ۽ ٻيا مڃتا ايوارڊ ملي چڪا آهن. 2020ع ۾ پاڪستان جي صدر طرفان کيس اعليٰ سول اعزاز ’تمغه امتياز‘ ڏنو ويو آهي.
1979.08.07 عيسوي
مجسمي ساز فقيري ميگهواڙ 7 آگسٽ 1979ع تي تعلقي ٽنڊي الھيار ۾ کيمچند ميگهواڙ جي گهر ۾ جنم ورتو.