فقير ابراهيم خاصخيلي

فقير ابراهيم خاصخيلي: فقير ابراھيم خاصخيلي، فقير ڪيھر لنجواڻيءَ جو شاگرد ھو. جمعي جي رات شاھہ لطيف جي درگاھہ تي راڳ جي اڳواڻي ڪندو هو. سندس اڳواڻيءَ ۾ فقير الھبچايو لنجواڻي، فقير محمد اوڏ (ڀٽي)، فقير محبت لنجواڻي، فقير الھڏنو خاصخيلي (پٽ)، فقير محرم خاصخيلي (پٽ)، فقير ميرو لنجواڻي، فقير سيد غلام شاھہ لطيفي، فقير مولابخش خاصخيلي (پٽ)، فقير قاسم خاصخيلي ۽ ڪجهہ ٻيا ڳائيندا هيا. هن وقت سندس پوٽو، فقير مولا بخش جو پٽ فقير گل محمد عرف گلڻ خاصخيلي لطيف جو راڳي ۽ آچر واري رات ٿيندڙ راڳ جو اڳواڻ آھي. لطيفي راڳ ۾ فقير ابراھيم خاصخيلي وارو دور اهم هو. سندس راڳ ٻڌڻ لاءِ ماڻهو جمعي جي رات جو انتظار ڪندا ھئا. هن 1961ع ڌاري وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھہ درگاھہ جي ڀر ۾ يارو فقير واري مقام ۾ آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو