فقير جو پڙ

فقير جو پڙ

فقير جو پڙ

فقير جو پڙ: حيدرآباد شھر جو هيءُ مشھور علائقو فقير جو پڙ هن وقت وڏي مارڪيٽ آهي. جنھن چاڙهيءَ کي اڄڪلھہ فقير جي پڙ واري چاڙهي چيو وڃي ٿو، اها اصل ۾ ٺوڙها چاڙهي آهي. مير مراد علي ٽالپر جي اميرن مان مير فتح محمد خان جو پٽ نواب خير محمد خان ٽالپر گنجو هئڻ سبب ٺوڙهو سڏيو ويندو هو، جيڪو هن چاڙهيءَ جي اتر طرف رهندو هو، ان ڪري ميرن جي دؤر ۾ هن چاڙهيءَ جو نالو ٺوڙها چاڙهي پيو. جيڪا شاهي بازار کان شروع ٿي هيٺ مڇي مارڪيٽ وٽ ختم ٿئي ٿي. جڏهن تہ فقير جو پڙ انھيءَ چاڙهيءَ جي مٿئين پاسي مائي خيري مسجد جي پويان هو، پر هن پڙ جي مشھوريءَ سبب آهستي آهستي هن چاڙهي سميت هيءَ ايراضي ’فقير جو پڙ‘ سڏجڻ لڳي.
مشھور مورخ مرزا عباس علي بيگ پنھنجي ڪتاب ’خاني ميان سرفراز خان عباسي'>خدايار خاني ميان سرفراز خان عباسي‘ ۾ ڄاڻائي ٿو: ميان نور محمد خان ڪلهوڙي، جوڻيجن مان بہ هڪ شادي ڪئي هئي، جنھن مان ميان غلام نبي ۽ عبدالنبي پيدا ٿيا. ميان نور محمد جي وفات بعد غلام نبي خان سنڌ جي حاڪم ٿيڻ سان پنھنجي ڀاءُ عبدالنبي کي قلعي جو انچارج ۽ رکيل خان کي قلعي جو قلعدار مقرر ڪيو. رکيل خان ميان غلام نبي ۽ ميان عبدالنبي ٻنھي ڀائرن جو مامو هو. ميان سرفراز ۽ ٻين قيدين جا سمورا نگهبان ۽ چوڪيدار جوڻيجا هئا. ميان خان جوڻيجو'>فقير محمد خان جوڻيجو (جنھن جي نالي سان فقير جو پڙ آهي)، 1762ع ۾ ڄائو هو ۽ رکيل خان جو ڀائٽيو هو. اهڙيءَ طرح ميان فقير محمد جوڻيجو ۽ ڪلهوڙا حاڪم ميان غلام نبي ۽ عبدالنبي پاڻ ۾ پڦاٽ ۽ ماروٽ هئا. حيدرآباد ۾ جوڻيجن جي آمد جو ثبوت بہ اتان ملي ٿو. ميان غلام نبي خان ڪلهوڙو سن 76-1775ع کان سنڌ جي حڪمراني جي مسند تي ويٺو هو، يعني انھيءَ ئي سال جوڻيجن جي حيدرآباد ۾ آمد جي تاريخ شروع ٿئي ٿي. مٽي مائٽيءَ جي لحاظ کان پھرين هي ڪلهوڙن جا ماڻهو هئا. ڪلهوڙن جي حڪومت جي خاتمي بعد هي ٽالپرن سان ملي ويا.
ميان خان جوڻيجو'>فقير محمد خان جوڻيجو مير فتح علي خان ٽالپر جي خاص اميرن ۾ شامل ٿيو. مير فتح علي خان مٿس گهڻو مھربان هو. ڪن روايتن مطابق فقير محمد جي پڦيءَ سان ميان نور محمد خان ڪلهوڙي شادي ڪئي، جيڪا ميان غلام نبي ۽ ميان عبدالنبيءَ جي والدہ هئي انهيءَ لحاظ کان ميان فقير محمد ڪلهوڙا حاڪمن جو پڻ ويجهو عزيز ٿيو. فقير محمد، مير ڪرم علي خان جي دؤر حڪومت ۾ سال 1230ھہ/1815ع ۾ وفات ڪئي، سندس قبر مڪي شاھہ واري مقبري جي ڀرسان، ڪچي قلعي جي چڙهڻ واري ڏاڪڻ جي سڄي پاسي سائي رنگ جي ڪاشيءَ سان ٺھيل آهي. فقير محمد جي وفات کان پوءِ سندس وڏي پٽ ميان علي بخش خان کي حيدرآباد جو ڪوٽوال مقرر ڪيو ويو.فقير محمد جوڻيجي کي ڪن اديبن ’فقيرو خدمتگار‘ لکيو آهي. رحيمداد مولائي شيدائي پنھنجي ڪتاب ’ٽالپرن جي مختصر تاريخ‘ جي صفحي 99 تي لکيو آهي: ”حيدرآباد شھر ۾ ’پڙ فقيرو بازار‘ فقيري خدمتگار جو يادگار آهي، جيڪو مير فتح علي خان جي وقت کان وٺي ميرن جي درٻار جو صلاحڪار ۽ ملازم ٿي رهندو آيو.“’حيدرآباد جي تاريخ‘ جي صفحي نمبر 70 تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي: ”مائي خيري جي مسجد جي ڀرسان فقيري خدمتگار (ميان فقير محمد خان جوڻيجي) جو پڙ هو، جو هينئر عام طور تي فقير جو پڙ سڏجي ٿو.“ ان جي ڀرسان ميان يونس وارن جون حويليون هيون. ميان يونس جي نياڻي مير محمد نصير جي گهر ۾ هئي.“ مدد علي سنڌيءَ جي مضمون ’سنڌ جو آخري حڪمران مير نصير خان ٽالپر ۽ سندس خط‘ ۾ مير نصير خان جي ديري جو نالو بيبي ڪونج ڄاڻايل آهي، جيڪا ميان محمد يونس سومري جي نياڻي هئي. اُن، ميان يونس جو اولاد يونساڻي سڏجڻ لڳو، جيڪي بعد ۾ الھندي ڪچي، گل شاھہ جي پڙ وٽ رهندا هئا. فقير جي پڙ ۾ اڃا تائين علم پاڪ لڳل آهي. اتان هر سال محرم مھيني جي 5 تاريخ يونساڻي ماتمي قافلو ڪڍندا آهن، اهو يونساڻين جو پڙ سڏبو آهي. هن وقت فقير جي پڙ جو رڳو نالو ئي بچيو آهي.


لفظ فقير جو پڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو