فقير خادم علي لنڊ

فقير خادم علي لُنڊ: فقير خادم علي ولد فقير مھر علي لُنڊ 1964ع ڌاري ڳوٺ بھادر خان لنڊ، تعلقي ۽ ضلعي بدين ۾ ڄائو. سندس والد صوفي راڳي ۽ ڀاءُ غلام محمد سگهڙ هو. هن پرائمري تعليم ڀڳڙا ميمڻ ۽ مئٽرڪ ٽنڊي الھيار مان حاصل ڪئي. واپڊا ۾ ملازم رهي رٽائرڊ ڪيائين. ننڍپڻ ۾ ئي سندن والد وفات ڪري ويو، جنھن بعد پنھنجي خاندان جي بزرگ ناٿي فقير لنڊ جي صحبت ۾ لطيفيات ڏانھن لاڙو ٿيو. ان وٽان ئي تاريخ، لوڪ ادب ۽ شاھہ جي ڪلام سمجهيو ۽ کيس شاھہ لطيف جو گهڻو ڪلام ياد اهي. هي سگهڙ ۽ لوڪ ادب جو ڄاڻو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو