فقير خير محمد صوفي

فقير خير محمد صوفي

فقير خير محمد صوفي

فقير خير محمد صوفي: صوفي شاھہ عنايت شھيد جي سلسلي جي شاعرن مان فقير خير محمد ’صوفي‘ ولد فقير عبدالعلي1258ھہ/ 1842ع ۾ ’صوفي فقير‘ تعلقي عمرڪوٽ ۾ ڄائو. هي صوفي محمد صديق ’صادق‘ فقير جو پوٽو هو. والدہ جي وفات کانپوءِ سندس پرورش نبي سر لڳ ھڪ ڳوٺ ’راڻا واھہ‘ ۾ سندن ناناڻن وٽ ٿي. جتي ھن قرآن شريف پڙھي پورو ڪيو ۽ ڪجهہ سنڌي بہ پڙھيو. ڏھن يارھن سالن جي ڄمار ۾ سندس والد کيس پنھنجي ڳوٺ ’صوفي فقير‘ وٺي آيو. پر ٿورن ڏينھن کان پوءِ سندس والد بہ وفات ڪري ويو، جنھن کان پوءِ سندس تربيت سندس چاچي صوفي شھاب الدين ڪئي. فقير خير محمد ٻہ شاديون ڪيون. پھرين گهرواريءَ مان کيس اولاد ڪونه ٿيو ۽ ٻي گهرواريءَ مان کيس چار پُٽ عبدالله، حيدربخش، ستار بخش ۽ ڏاتار بخش نالي ٿيا. فقير خير محمد ’صوفي‘ کي ذڪر ۽ تلقين صوفي عبدالستار اول (جهوڪ شريف) کان ملي. ھي فقير شرح جو پابند، عابد زاھد، نيڪ سيرت ۽ صوفي بزرگ ھو ۽ اڪثر رياضت ۾ رهندو هو. آخري عمر ۾ هي گوشه نشين ٿي ويو. ھن 1348ھہ/1929ع ۾ وفات ڪئي. سندس مزار ’صوفي فقير‘ واري مقام ۾ آھي. فقير خير محمد پنھنجي دؤر جو صوفي شاعر ٿي گذريو آھي. سندس ڪلام ۾ عشق ۾ تصوف فڪر سمايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو