فقير رسول بخش انڙ

فقير رسول بخش انڙ

فقير رسول بخش انڙ

فقير رسول بخش انڙ:رسول بخش انڙ'> فقير رسول بخش انڙ، قاضي احمد شھر، ضلعي نوابشاھہ (هاڻي بينظير آباد) ۾ 1901ع ڌاري سردار خانصاحب محمد خان انڙ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد سخاوت جي حوالي سان مشھور هو. هن خاندان جو لاڳاپو ۽ شجرو سنڌ جي سما خاندان سان ملي ٿو، جيڪي سنڌ جا حاڪم رهي چڪا آهن. هي پھرئين سمي حاڪم ڄام انڙ جو اولاد آهن، رئيس رسول بخش انڙ، سنڌ جي بمبئيءَ کان جدا ٿيڻ کانپوءِ 1937ع ۾ سنڌ جي پھرين اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. ان کان پھرين 1933ع ۾ لوڪل بورڊ نوابشاھہ جو پريزيدنٽ پڻ رهيو، رئيس رسول بخش انڙ'>فقير رسول بخش انڙ 1940ع ڌاري حيدرآباد ۾ آل پاڪستان سماٽ ايسوسيئيشن جو صدر پڻ چونڊيو. ان دور ۾ سندس نالو تمام گهڻو مقبول ٿيو، جڏهن 1942ع ۾ هن جو هڪ انگريز ڪليڪٽر ڊيوس (Davis) سان تڪرار ٿيو. هن انگريز سرڪار کان خانبھادريءَ جي لقب وٺڻ کان انڪار ڪيو. سندس ان قدم تي انگريز سرڪار سخت ناراض ٿي ۽ مٿس توڙي سندس ٻن ڀائرن، امام بخش'>رئيس امام بخش انڙ ۽ رئيس ڌڻي بخش انڙ تي بغاوت، قانون شڪني ۽ متوازي حڪومت قائم ڪرڻ جا ڪيس لاڳو ڪري، کين چالان ڪيو ويو. سردار صاحب کي تنگ ڪرڻ لاءِ سندس شنوايون پري پري وارن شھرن ۾ رکيون ويون، پر جنھن بہ شھر ۾ فقير صاحب جي شنوائي ٿيندي هئي، اتي هزارين ماڻهو گڏ ٿي ويندا هئا. حقيقت ۾ هي ڪيس فقير رسول بخش جي طاقت ۽ اثر رسوخ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪيا ويا هئا پر رئيس چيف ڪورٽ مان باعزت بري ٿيو. سندس ڪيس جي پيروي نامور بئريسٽر محمد علي جناح ڪئي.
1950ع ڌاري سردار رسول بخش انڙ جو صوفي ازم ڏانھن لاڙو ٿيس ۽ سرداري لقب هٽائي فقيريءَ جو لقب اختيار ڪري، سمورو وقت سماجي خدمت ۽ فلاح و بھبود جا ڪم ڪرڻ ۾ وقف ڪيائين. هن ٽي چار ڀيرا پنھنجن هارين جا قرض معاف ڪيا. هارين جي کاتن جا ڪتاب گهرائي، انهن مان غريب هارين جي قرض جا سمورا ورق ساڙي ڇڏيائين. وٿاڻن ۾ بيٺل چوپايو مال، غريبن ۾ ورهائي ڇڏيائين. سندس اها سخاوت اڄ بہ تر جي ماڻهن کي ياد آهي. سائين جي. ايم. سيد سان گهاٽي دوستي ۽ ويجهڙائپ رهيــس، جنھن جـو ذڪـر جـي. ايـم. سـيـد پنھنجي ڪـتـاب ’جن سين'>جنب گذاريم جن سين‘ ۾ ڪيو آهي. 1970ع ۾ جي. ايم. سيد جي موجودگيءَ ۾ فقير رسول بخش پنھنجي قبيلي جو هڪ اجلاس ڪوٺائي، سندس زندگيءَ ۾ پنھنجي پٽ ڄام تماچيءَ کي سندن قبيلي جو سردار مقرر ڪيو، جيڪو سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جو چيئرمئن رهي چڪو آهي. سردار ڄام تماچي پڻ پنھنجي والد جي رستي تي هلندي، سماجي ڪمن ۽ غريبن جي خدمت ۾ اڳڀرو آهي.رسول بخش انڙ'> فقير رسول بخش انڙ 1980ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ فقير رسول بخش انڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو