
فقيرعبدالغفور
فقيرعبدالغفور: فقير عبدالغفور سٺو راڳي ٿي گذريو آهي. سندس پيءُ جو نالو محمد صالح لکڻ هو. هو 1910ع ڌاري حيدرآباد جي مھر شاھہ پاڙي ۾ ڄائو. سنڌي پنج درجا پڙهي راڳ جي شوق ۾ پهرين پنھنجي ناني ۽ پوءِ استاد حاجي خان کان راڳ جي تربيت ورتائين. استاد منظور علي خان جي صحبت ۾ بہ رهيو، جنهن کيس راڳ ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺرائي. شوق ۽ محنت سان ڳائڻ ڪري يڪتاري ۽ چپڙي جو بادشاھہ ڳائڻو بڻجي ويو. 1955ع ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڳائڻ شروع ڪيائين. سچل سرمست جو ڪلام ريڊيو ۽ ٽي. وي تي گهڻو ڳايائين. اٽڪل 30 سالن تائين ريڊيو حيدرآباد سان لاڳاپيل رهيو. سنڌ ۾ مختلف درگاهن جا سُنگ ٿين ٿا، جيڪي ٽولي جي صورت ۾ صوفي شاعرن جو ڪلام ڳائيندا آهن. هن سُنگ واري ڳائڻ جي انداز کي اڳتي وڌايو. سنڌي ۽ سرائيڪي ۾ شامل، سچل، خواجہ غلام فريد، بابا بُلهي شاھہ ۽ ٻين شاعرن جو ڪلام ڳايو. سنڌي فلم ‘مٺڙا شال ملن’ ۾ شيخ اياز جو مشھور گيت ‘سنڌڙي تي سر ڪير نہ ڏيندو، سهندو ڪير ميار او يار’ ڳايو، جيڪو بعد ۾ مختلف محفلن ۾ ڳائي گهڻي مڃتا ماڻيائين. هن آمريڪا، آفريقا، جاپان، جرمني ۽ دبئيءَ ۾ پنهنجو فن متعارف ڪرايو. 1969ع ڌاري حڪومت پاڪستان پاران ملڪ جو وڏو فني اعزاز ‘پرائيڊ آف پرفارمنس’ مليس. 1967ع ڌاري امتيازي تمغو بہ مليو. هو يڪتاري جو پهريون فنڪار هو، جنهن کي انهيءَ اعزاز سان نوازيو ويو. کيس 1980ع ۾ ‘شاھہ لطيف اوارڊ’ ۽ ‘سچل اوارڊ’ مليا. هو ذوالفقار علي ڀُٽي جو پسنديدہ فنڪار هو. ڀُٽي صاحب کي ‘راڻو’ ڏاڍو وڻندو هو. ڀُٽي صاحب لاڙڪاڻي ۾ ‘پاڪستان نيشنل سينٽر’ جي افتتاح جي موقعي تي کانئس المرتضيٰ هائوس ۾ پهريائين ‘سنڌڙي تي سر ڪير نہ ڏيندو’ ۽ پوءِ ‘راڻو’ پنھنجي فرمائش تي ٻڌو. هن 22 جولاءِ 1986ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. کيس غلام شاھہ ڪلهوڙي جي مقبري جي ڀرسان دفنايو ويو. کيس ٻہ پٽ ٿيا، جن مان هڪ عاشق علي، جيڪو اريگيشن ڊپارٽمينٽ ۾ آفيسر آهي ۽ ٻيو پٽ سرور غفور يڪتاري تي ڪلام ڳائي ٿو.