فقير عبدالله مسڻ صوفي

فقير عبدالله مسڻ صوفي : مشھور صوفي درويش ۽ شاعر، فقير عبدالله مسڻ جا وڏا اصل لسٻيلي ضلعي، بلوچستان جا رهاڪو هئا. جتان سندس والد فقير سومار مسڻ لڏي اچي ٺٽي ضلعي جي شھر دڙي ۾ رهائش پذير ٿيو. فقير عبدالله جو جنم بہ دڙي شھر ۾ ٿيو. هيءُ ننڍوئي هو تہ سندس والد وفات ڪري ويو، جنهن بعد سندس پرورش سندس چاچي ڪئي. هو ديني تعليم حاصل ڪري سگهيو. ارڙهن سالن جي عمر ۾ بلوچستان لڏي ويو. جتي ڪيترائي سال گذاريائين، اتي رهڻ دوران ريزڪي دڪان بہ کوليائين. ان دوران شاھہ جي رسالي جو مطالعو ڪيائين. جنهن کان پوءِ ٽن سالن تائين مجذوبي ۽ مستي جي عالم ۾ رهيو. بعد ۾ جهوڪ شريف اچي جهوڪ شريف درگاھہ جو طالب ٿيو. ٽيهن سالن تائين درگاھہ جو طالب رهيو. فقير عبدالله جي آستاني تي هميشہ ميلو متل هوندو هو. هيءُ شاھہ لطيف جو حافظ هو. کيس سمورو رسالو برزبان ياد هوندو هو. کيس شاھہ سائينءَ جو ڪيتروئي اڻ ڇپيل ڪلام بہ ياد هو. اهو ئي سبب هو، جو وٽس ڪيترائي محقق ايندا رهندا هئا. شاھہ جي ڪلام جي ڳولها جي سلسلي ۾ وٽس علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي، ظفر حسن، امداد حسيني ۽ خان محمد پنهور تي مشتمل هڪ ٽيم 1977ع تي آئي ۽ ساڻس تفصيلي ڪچهري ڪئي. عبدالله مسڻ ‘محمد هاشم ٺٽوي ڪانفرنس’ ۾ پنهنجو تحقيقي مقالو پڙهيو. هيءُ ‘ٺٽو هسٽاريڪل سوسائٽي’ جو چيئرمئن پڻ رهيو. هن 7 صفر 1203ھہ مطابق 6 نومبر 1788ع تي وفات ڪئي. سندس ڪلام پونيرن ڇپائي پڌرو ڪيو. کيس ٽن پٽن جو اولاد ٿيو، جن مان علي احمد مسڻ درگاھہ جو سجادہ نشين آهي. سندس مزار تي عاليشان مقبرو اڏيل آهي. جتي صفر مهيني جي 7، 8 ۽ 9 تاريخ تي وڏو ميلو لڳندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو