فقير عبدالله مسڻ صوفي : مشهور صوفي درويش ۽ شاعر، فقير عبدالله مسڻ جا وڏا اصل لسٻيلي ضلعي، بلوچستان جا رهاڪو هئا. جتان سندس والد فقير سومار مسڻ لڏي اچي ٺٽي ضلعي جي شهر دڙي ۾ رهائش پذير ٿيو. فقير عبدالله جو جنم به دڙي شهر ۾ ٿيو. هيءُ ننڍوئي هو ته سندس والد وفات ڪري ويو، جنهن بعد سندس پرورش سندس چاچي ڪئي. هو ديني تعليم حاصل ڪري سگهيو. ارڙهن سالن جي عمر ۾ بلوچستان لڏي ويو. جتي ڪيترائي سال گذاريائين، اتي رهڻ دوران ريزڪي دڪان به کوليائين. ان دوران شاهه جي رسالي جو مطالعو ڪيائين. جنهن کان پوءِ ٽن سالن تائين مجذوبي ۽ مستي جي عالم ۾ رهيو. بعد ۾ جهوڪ شريف اچي جهوڪ شريف درگاهه جو طالب ٿيو. ٽيهن سالن تائين درگاهه جو طالب رهيو. فقير عبدالله جي آستاني تي هميشه ميلو متل هوندو هو. هيءُ شاهه لطيف جو حافظ هو. کيس سمورو رسالو برزبان ياد هوندو هو. کيس شاهه سائينءَ جو ڪيتروئي اڻ ڇپيل ڪلام به ياد هو. اهو ئي سبب هو، جو وٽس ڪيترائي محقق ايندا رهندا هئا. شاهه جي ڪلام جي ڳولها جي سلسلي ۾ وٽس علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ظفر حسن، امداد حسيني ۽ خان محمد پنهور تي مشتمل هڪ ٽيم 1977ع تي آئي ۽ ساڻس تفصيلي ڪچهري ڪئي. عبدالله مسڻ ‘محمد هاشم ٺٽوي ڪانفرنس’ ۾ پنهنجو تحقيقي مقالو پڙهيو. هيءُ ‘ٺٽو هسٽاريڪل سوسائٽي’ جو چيئرمئن پڻ رهيو. هن 7 صفر 1203هه مطابق 6 نومبر 1788ع تي وفات ڪئي. سندس ڪلام پونيرن ڇپائي پڌرو ڪيو. کيس ٽن پٽن جو اولاد ٿيو، جن مان علي احمد مسڻ درگاهه جو سجاده نشين آهي. سندس مزار تي عاليشان مقبرو اڏيل آهي. جتي صفر مهيني جي 7، 8 ۽ 9 تاريخ تي وڏو ميلو لڳندو آهي.