فقير عبدالله ٿيٻو

ٿيٻو '>فقير عبدالله ٿيٻو : فقير عبدالله ولد محمد قاسم ٿيٻو تقريباً 1887ع ڌاري ”ڪاڇيلي اسٽيشن“ ويجھو ڳوٺ ”سوڍا ٻوڙ“ ۾ ڄائو. جتي ڳوٺ جي ئي مڪتب ۾ قرآن شريف ۽ ڪجھه سنڌيءَ جا ڪتاب پڙهيو ۽ پوءِ پنهنجي مائٽاڻي ڌنڌي مال چارڻ ۽ کيتي ٻاڙيءَ سان وابسته ٿي ويو. فقير عبدالله نرم طبع، خاموش، ماٺيڻو ۽ صابرين هو، ڪنهن به تڪليف ۽ پريشانيءَ وقت اصل ڪونه گھٻرائيندو هو ۽ نه ئي وري همت هاريندو هو. اڪيلائي پسند، هُل هنگامي کان پاسو ڪندڙ، جھنگلن ۽ ويرانن کي چاهيندڙ هو، جتي دنيا وارن کان دور رهي پنهنجي مالڪ حقيقيءَ کي ياد ڪندو رهندو هو.سهروردي سلسلي جو فقير ”بڪيراشريف“ جي ان وقت جي گادي نشين پير غلام نبي شاهه جو مريد هو. مرشد جي هدايتن موجب سدائين ذڪر ۽ فڪر ۾ رهندو هو. درويش ۽ فقير هجڻ سان گڏ و گڏ بهترين شاعر به هو. سندس شاعريءَ ۾ مداحون، مولود، معجزا، ڪافيون ۽ غزل شامل آهن. هن الله لوڪ انسان 1950ع ڌاري وفات ڪئي، سندس مزار ” کڏ وارن فقيرن“ جي قبرستان ۾ آهي، جيڪا ماڻهن لاءِ عام زيارت گاهه آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1887.00.00  عيسوي

فقير عبدالله تقريباً 1887ع ڌاري ڪاڇيلي اسٽيشن ويجھو ڳوٺ سوڍا ٻوڙ ۾ ڄائو


1950.00.00  عيسوي

فقير عبدالله 1950ع ڌاري وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پنهور حاجي خان
سيد قاسم محمود
جان شير خان
ڇٻلاڻي منگهارام
ڪمار شاهاڻي
پنڊت شاناڪ سارنگ سنڌي
عـالـو مـل ٽـيڪـم داس
احسان ايڇ نديم
ابو اسحاق ابراهيم بن سنان
پير پرڏيهي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون