فقير عبدالله ٿيٻو: فقير عبدالله ولد محمد قاسم ٿيٻو 1887ع ڌاري ’ڪاڇيلي اسٽيشن‘ ويجهو ڳوٺ ’سوڍا ٻوڙ‘ ۾ ڄائو. جتي ڳوٺ جي ئي مڪتب ۾ قرآن شريف ۽ ڪجهه سنڌيءَ جا ڪتاب پڙهيو ۽ پوءِ پنھنجي مائٽاڻي ڌنڌي مال چارڻ ۽ ٻني ٻارو ڪرڻ لڳو. فقير عبدالله، نرم طبع، خاموش، ماٺيڻو ۽ صابرين هو. هو اڪيلائي پسند، جهنگلن ۽ ويرانين کي چاهيندڙ هو، جتي دنيا وارن کان دور رهي پنھنجي مالڪ حقيقيءَ کي ياد ڪندو رهندو هو. سھروردي سلسلي جي فقير ’بڪيرا شريف‘ جي ان وقت جي گادي نشين پير غلام نبي شاھہ جو مريد هو. فقير عبدالله هڪ سٺو شاعر بہ هو. سندس شاعريءَ ۾ مداحون، مولود، معجزا، ڪافيون ۽ غزل شامل آهن. هن 1950ع ڌاري وفات ڪئي، سندس مزار ’کڏ وارن فقيرن‘ جي قبرستان ۾ آهي.
1887.00.00 عيسوي
فقير عبدالله تقريباً 1887ع ڌاري ڪاڇيلي اسٽيشن ويجھو ڳوٺ سوڍا ٻوڙ ۾ ڄائو
عيسوي