فقير فتح محمد

فقير فتح محمد: صوفي شاھہ عنايت شھيد جي سلسلي جي شاعرن مان فتح محمد فقير ولد ڪانڀو ذات جماري (ڪلمتي) اوڻھين صدي عيسويءَ ۾ ڪوهستان واري علائقي جي ڳوٺ ’رود مڪان‘ ۾ ڄائو. سندن وڏا رود مڪان جا ويٺل هئا. سوڪھڙي جي مند ۾ پنھنجي چوپائي مال جي سانگي جهرڪ جي آسپاس اچي ويھندا هئا. هن ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ مان ئي حاصل ڪئي. عشق جي چوٽ لڳڻ ۽ وڇوڙي سبب شاعريءَ ۽ فقيري ڏانھن لاڙو ٿيس. هڪ ڀيري جهوڪ شريف جي درگاھہ تي اچڻ ٿيس، جتي سڪون واري ڪيفيت ملڻ کانپوءِ اُتي ويندو رهندو هو. هڪ ڀيري صوفي صديق فقير سان وڃي مليو، جنھن کانپوءِ فڪر ۽ فقيريءَ جي منزل تي رسيو. فتح محمد پنھنجي دؤر جو سٺو شاعر هو.


لفظ فقير فتح محمدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو