فقير محمد خان جوڻيجو

فقير محمد خان جوڻيجو: فاتح سنڌ مير فتح علي خان جو خاص جنگجو سپھه سالار ۽ امير خان جوڻيجو'>فقير محمد خان جوڻيجو عرف ميان فقيرو يا فقيرو خدمتگار 1176ھہ/1762ع ۾ ڄائو. سندس نالي سان حيدرآباد ۾ ’فقير جو پڙ‘ نالي سان مشھور بازار آهي. ٺوڙهي چاڙهي ۽ مائي خيري واري مسجد وارو هنڌ اڄ تائين فقير جي پڙ جي نالي سان مشھور آهي. ميان فقيري ٽالپرن جي دؤر ۾ مير فتح علي خان جي حڪم تي حضرت امام حسين عليہ السلام جو تعزيو ٺھرائي، مائي خيري جي مسجد جي ڀر ۾ پنھنجي نالي سان پڙ ’فقير جو پڙ‘ جي نالي سان قائم ڪري ان ۾ رکيو، جتي سمورا مير صاحب عاشوري جي ڏينھن صبح جو ايندا هئا ۽ عزاداري ڪري سج لھڻ وقت واپس قلعي ۾ ويندا هئا. ميان عبدالنبي قلات جي والي نصير خان کي سنڌ تي حملي جي عيوض ڪراچيءَ جو علائقو ڏنو. جڏهن ٽالپرن جي حڪومت آئي تڏهن قلات جي والي کان ڪراچي واپس وٺڻ لاءِ مير فتح علي خان پنھنجي دؤر ۾ فقير محمد خان ۽ ميان پليئي خان کي لشڪر ڏئي ڪراچي حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو هو. جن ڪراچيءَ جون واڳون وٺي واپس سنڌ سان ملائي ڇڏيو. فقير محمد جي پڦيءَ سانميان نور محمد خان ڪلهوڙي شادي ڪئي، جيڪا ميان غلام نبي ۽ ميان عبدالنبيءَ جي والدہ هئي، ميان سرفراز خان جي معزول ٿيڻ کانپوءِ غلام نبي خان سنڌ جي حاڪم ٿيڻ سان پنھنجي مامي رکيل خان کي حيدرآباد جي قلعي جو قلعدار مقرر ڪيو. رکيل خان ميان غلام نبي ۽ ميان عبدالنبي ٻنھي ڀائرن جو مامو ۽ ميان فقيري جو چاچو هو. ميان سرفراز ۽ ٻين قيدين جا سمورا نگهبان ۽ چوڪيدار جوڻيجا هئا. فقير محمد، مير ڪرم علي خان جي دؤر حڪومت ۾ سال 1230ھہ/1815ع ۾ وفات ڪئي، سندس قبر مڪي شاھہ واري مقبري جي ڀرسان، ڪچي قلعي جي چڙهڻ واري ڏاڪڻ جي سڄي پاسي سائي رنگ جي ڪاشيءَ سان ٺھيل آهي. فقير محمد جي وفات کان پوءِ سندس وڏي پٽ ميان علي بخش خان کي حيدرآباد جو ڪوٽوال (S.P) مقرر ڪيو ويو.”مائي خيري جي مسجد جي ڀرسان فقيري خدمتگار (فقير محمد خان جوڻيجي) جو پڙ هو، جو هينئر عام طور تي فقير جو پڙ سڏجي ٿو.“


لفظ فقير محمد خان جوڻيجوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو